18 اتوار , نومبر 2018

اليڪشن ڪميشن چونڊن واري ڏينهن شڪايتون وصول ڪرڻ لاءِ فون ۽ فيڪس نمبر جاري ڪري ڇڏيا

The ECP issued the phone and fax number to receive complaints on the day of electionاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪيمشن آف پاڪستان چونڊن واري ڏينهن شڪايتون واٽس ايپ ۽ اي ميل ذريعي وصول ڪرڻ جو فيصلو ڪندي فون ۽ فيڪس نمبر جاري ڪري ڇڏيا. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پولنگ واري ڏينهن شڪايتن لاءِ اليڪشن ڪميشن ۾ سينٽرل مانيٽرنگ اينڊ ڪنٽرول روم قائم ڪري ڇڏيو جيڪو 25 جولائي تي صبح 6 وڳي کان ڪم ڪرڻ شروع ڪندو ۽ پولنگ جي وقت، ڳڻپ کان ويندي رات دير تائين لاڳيتو شڪايتون ڪري سگهجن ٿيون. ڊي جي ايڊمن برگيڊيئر(ر) نعيم اڪبر کي ڪنٽرول روم جو انچارج مقرر ڪيوويو آهي جڏهن ايڊيشنل ڊي جي شبر عباس مانيٽرنگ ٽيمن جو انچارج هوندو.اختيارين جو چوڻ هو ته چونڊن واري ڏينهن شڪايتون وصول ڪرڻ ۽ مانيٽرنگ لاءِ 12 ٽيمون تشڪيل ڏنيو ويو آهن ۽ شڪايتون فون ۽ فيڪس نمبرن ذريعي ڪري سگهبيون، چونڊن واري ڏينهن شڪايتن لاءِ 5 فون نمبر جاري ڪيا ويا آهن جن ۾ فيڪس ذريعي شڪايتن جا 3 نمبر پڻ شامل آهن، 0519210812-16 تي ڪال ڪري شڪايتون ڪري سگهبيون ۽ 0519210809-11 تي فيڪس جي ذريعي شڪايت داخل ڪرائي سگهجي ٿي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سپريم ڪورٽ جو ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے