18 منگل , دسمبر 2018

نيوز : ڀان سيد آباد: پ ٽ الف جي سڏ تي استادن جي گرفتاري  ۽ ڪيس داخل ٿيڻ خلاف احتجاج

* ڀان سيد آباد ۾ پ ٽ الف جي سڏ تي  استادن نٽهڻ اس ۾  استادن جي گرفتاري  ۽ مٿن ڪيس داخل ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو.

استادن عبدالعزيز راهپوٽو،  غلام  مصطفيٰ سولنگي، قربان ميمڻ ۽ ٽي او آفيس جي ڪلارڪن تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪرڻ خلاف تاج محمد پنهيار، غلام حيدر سولنگي ،حميد ميڻ جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو .

ان موقعي تي خطاب ڪندي استادن چيو ته ڪجهه استادن پوسٽ بيلٽ جي ايڊريس ٽي اي او آفيس لکي هئي پوسٽ بيلٽ اتي آيل هيا ۽  استاد عبدالعزيز راهپوٽو سميت ٻيا استاد پوسٽ بيلٽ وصول ڪرڻ آيا هئا.

 هنن چيو ته استادن کي ڪوڙا الزام مڙهيا پيا وڃن جيڪي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه  ڪيا ويندا .

 هنن مطالبو ڪيو ته  معاملي جي جاچ ڪري استادن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ اليڪشن ڊيوٽي جو بائڪاٽ ڪيو ويندو

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| نواز شريف ۽ آصف زرداري وچ ۾ رابطو ناهي ٿيو: پ پ ۽ ليگي ترجمان

پيپلزپارٽي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ اڳوڻي صدر آصف زرداري ۾ رابطن جي ترديد ڪري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے