20 منگل , نومبر 2018

نيوز : عادلپور: بلو برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنهن تڪرار تان جهيڙو، هڪ عورت زخمي،  احتجاج

*عادلپور   ويجهو بلو برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنهن تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو جنهن ۾  بندوق جا قنداق لڳڻ  هڪ عورت زخمي ٿي پئي، زخمي عورت جي وارثن پاران احتجاج ڪيو ويو.

ڳوٺ صيفل بلو ۾  ڪارنهن تڪرار تان بلا برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٿيل  جھيڙي ۾ مائي صاحب ڏني سخت زخمي ٿي پئي.

 واقعي خلاف مائي سڪينا ،مائي لطيفا، مائي ڪريم ڏني ،مائي جنت  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو.

 ان موقعي تي خطاب ڪندي  عورتن چيو  ته هٿياربندن  گهرن ۾ گهڙي  هٿيار بند  ساڻ ڪري عورتن کي ڪمري ۾ بند ڪري گهر ۾ پيل روڪ رقم، 3لک روپيه، 3نياڻين جو ڏاج سميت  2 تولا سون  کڻي ويا.

عورتن الزام هڻندي چيو ته ڏنو عرف ڪمن، گابر بلو،  مهراڻ بلو ، اصغر بلو،  شوڪت بلو  ، چنيسر بلو ۽ ٻين   سندن گهر تي حملو ڪيو .

 هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : سنڌ جي ڪرشنا ڪماري دنيا جي 100 بااثر شخصيتن ۾ شامل

پاڪستاني سينيٽر ۽ انساني حقن جي ڪارڪن ڪرشنا ڪماري کي بي سي 2018ع جي بااثر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے