19 پیر , نومبر 2018

ايشوريا راءِ  ۽ اڀيشيڪ 8 ورهين بعد هڪ دفعو ٻيهر گڏ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندا

Ethiopian opinions and concerns 8 years later, will showcase the showcase of acting again, ممبئي(شوبز نيوز) باليووڊ ليجنڊري اداڪارا ۽ اڳوڻي سونهن راڻي ايشوريا راءِ بچن 8 ورهين بعد پنهنجي مڙس ۽ اداڪار اڀيشيڪ بچن سان گڏ وڏي اسڪرن تي اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندي. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب ايشوريا راءِ ۽ اڀيشيڪ بچن انوراگ ڪشپ جي فلم” گلاب جامن“ سائن ڪئي آهي جنهن جو هدايتڪار سرديش ميوارا هوندو.  في الحال فلم جي ڪهاڻي جي حوالي سان ڪي به تفصيل سامهون ناهن آيا جڏهن ته هدايتڪار جي طرفان فلم جي باقدئدا مڪمل ٽيم جو اعلان تمام جلد ڪيو ويندو. ايشوريا  ۽ اڀيشيڪ بچن 8 ورهيه اڳ فلم” راون“ ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا هئا ۽ هاڻ پرستار پنهنجي پسنديدا جوڙي ئي فلم”گلاب جامن“ ۾ ڏسي سگهندا. ياد رهي ته هن وقت اداڪارا  پنهنجي ايندڙ فلم” فني خان“ جي مشهوري ۾ مصروف آهي جنهن ۾ هو پاپ ڳائڻي جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. فلم ۾ ايشوريا راءِ سان گڏ اداڪار انيل ڪپور ۽ راجڪمار رائو مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، اها فلم ايندڙ مهيني 3 آگسٽ تي ريليز ڪئي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پريانڪا چوپڙاجو مڱيندو نڪ جونز ڪهڙي بيماري ۾ مبتلا آهي؟

ممبئي(شوبز نيوز) مشهور بالي ووڊ اداڪارا پرينڪا چوپڙا جو ٿيندڙ مرس نڪ جونز شگر جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے