18 اتوار , نومبر 2018

موت جو راڪاس بڻيل سنڌ جا هاءِ ويز ۽ عدالت جي ڪاوڙ…

سنڌ ۾ ڪوبه ڏينهن اهڙو ناهي گذرندو جڏهن سنڌ جي هاءِ ويز، سپر هاءِ وي ڪراچي کان حيدرآباد، انڊس هاءِ وي ڄام شورو کان سيوهڻ ۽ سنڌ کان پنجاب ويندڙ نيشنل هاءِ وي، جڏهن ته ٿر پاسي جي روڊن رستن، حيدرآباد کان ميرپورخاص ويندڙ رستي ۽ ٺٽي ۽ بدين جي روڊن ۽ رستن تي پڻ حادثن جو اطلاع نه ملندو هجي، حادثا ٿيڻ عام معمول بڻيل آهي، سنڌ ۾ اهڙو ڪوبه ڏينهن نه ٿو گذري جيڪو سواءِ ڪنهن حادثي جي هُجي ۽ ان ۾ ڪي پنجن کان ست ماڻهو نه مرن، سنڌ جي روڊن رستن تي مرندڙن جي شرح هر روز جي حوالي سان پنجن جي لڳ ڀڳ آهي، جڏهن ته حادثن جي سراسري شرح ٽن جي لڳ ڀڳ آهي، حادثن ۾ زخمي ٿيندڙن جو انگ ڪافي وڌيل آهي.

حادثن جي حوالي سان اهڙا ڪيئي حادثا ٿيا آهن جن ۾ سمورا خاندان اجل جو شڪار ٿيا آهن، ۽ انهن جي لاڳاپيل ڳوٺن ۽ شهرن مان جڏهن پنجن کان ڏهن جي لڳ ڀڳ ميتون گڏ کنيون وينديون آهن ته ان وقت آسمان به اشڪ بار ٿي ويندو آهي، پر ان سلسلي ۾ افسوس جي ڳالهه اها آهي ته سنڌ ۾ اهڙا حادثا تقريبا 80ع جي ڏهاڪي کان ٿيندا رهن ٿا، انهن ۾ تيزي تڏهن اچي ٿي جڏهن 2000ع ۾ سنڌ جي بندرگاهي شهر ڪراچيءَ مان صنعتي سامان سان ڀريل ٽرڪن ۽ وڏن ٽرالرن جي پنجاب رواني ٿيڻ ۽ اچڻ ۾ تيزي اچي ٿي، جن جي لاءِ سنڌ جا روڊ ۽ رستا بلڪل به تيار نه هيا، سنڌ جا سمورا روڊ عام ٽريفڪ ۽ اچ وڃ لاءِ جوڙيل آهن ۽ انهن جي معيار مطابق جوڙيل آهن، جڏهن ته ٽريفڪ جي وڌڻ خاص ڪري وڏي ۽ ڳري ٽريفڪ جي وڌڻ ڪري حادثا پڻ وڌندا رهيا آهن جيئن جيئن ڳري ۽ وڏي ٽريفڪ وڌندي رهي تيئن تيئن حادثن ۾ به تيزي ايندي رهي ۽ ماڻهن جي مرڻ جي انگ ۾ پڻ خوفناڪ حد تائين اضافو ٿيندو ويو. هڪ اندازو اهو به آهي ته گذريل هڪ ڏهاڪي دوران سنڌ جي روڊن تي ٿيندڙ حادثن ۾ مرندڙن جو انگ تقريبا پنجن کان ڇهه – هزارن جي لڳ ڀڳ آهي جڏهن ته زخمين جو انگ انهن کان ڪيئي دفعا وڌيڪ آهي.

سنڌ جي روڊن ۽ رستن تي پيش ايندڙ اهڙي المناڪ صورتحال جو وڌيڪ ڏکوئيندڙ پهلو اهو آهي ته سنڌ جي روڊن رستن سان موجود وڏن شهرن جي اسپتالن ۾ ٿيندڙ اهڙن حادثن جي نتيجي ۾ پهچندڙ مريضن لاءِ فوري علاج ته پري جي ڳالهه آهي پر اسپتال ۾ بنيادي طور تي اسٽريچر ۽ بنڊيجز به نه هوندا آهن ۽ مريض تڙپندي تڙپندي ساهه ڏيندا آهن ۽ سندن والي وارث اڀ ڦاڙيندڙ رڙيون ڪندا رهندا آهن.

انهيءَ سلسلي ۾ هڪ ٻي افسوس جي ڳالهه اها پڻ آهي ته ڪنهن به سماجي تنظيم پاران نه ته سپر هاءِ وي، نه انڊس هاءِ وي ۽ نه ئي نيشنل هاءِ تي ڪنهن ٽريفڪ حادثي جي صورت ۾ ڪو فور علاج جو ڪو مرڪز قائم ڪيل آهي ۽ نه ئي ايمبولنس سروس آهي، جيڪا ڳالهه پڻ هڪ اذيت جهڙي صورتحال پيدا ڪري ٿي.

سنڌ جي هاءِ ويز تي ٿيندڙ حادثن جي صورت ۾ هڪ انتهائي افسوس ناڪ پهلو اهو به آهي ته اهڙن حادثن جون فرسٽ رپورٽس به داخل نه ڪيون وينديون آهن ۽ نه ئي حد جا ٿاڻا ٿيندڙ اهڙن حادثن متعلق اعلى اختيارين کي آگاهه ڪندا آهن.

مٿي بيان ڪيل صورتحال سنڌ جي روڊن ۽ رستن تي پيش ايندڙ  حادثن جي هڪ ننڍڙي جهلڪ آهي جيڪڏهن تفصيل لکبا ته پوءِ ڪيئي ڪتاب جڙي ويندا، مجموعي طور تي جيڪڏهن سنڌ جي روڊن ۽ رستن تي ٿيندڙ حادثن متعلق ڪنهن تاثر کي معلوم ڪرڻو آهي ته اهو هڪ سٽ ۾ سمائجي وڃي ٿو، جيڪو هن طرح آهي، ”سنڌ جا روڊ رستا موت جا راڪاس بڻيل آهن“.

سنڌ جي روڊن ۽ رستن تي ٿيندڙ اهڙن انڌوناڪ ۽ المناڪ واقعن متعلق سپريم ڪورٽ ۾ هڪ درخواست داخل ٿيل هُئي جنهن تي ٻڌڻيءَ دوران سپريم ڪورٽ جي جسٽس مقبول باقر انتهائي ڏک، غم ۽ غصي جو اظهار ڪيو ۽ هُن طلب ڪيل اين ايڇ اي جي عملدارن کي چنڊ پڻ پٽي ۽ کين چيو ته روڊن ۽ رستن جا پئسا هڙپ ٿي وڃن ٿا ۽ سنڌ جا سمورا روڊ ۽ رستا تباهه لڳا پيا آهن ۽ ماڻهو مري رهيا آهن.

اسين سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪيل اهڙي درخواست تي سپريم ڪورٽ جي ڏنل ريمارڪس کي ساراهيون ٿا ۽ ان سلسلي ۾ اسان سپريم ڪورٽ کي گذارش ڪيون ٿا ته سنڌ جي روڊن ۽ رستن کي سنڌ مان گذرندڙ ڳري ٽريفڪ جي حوالي سان تعمير ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا وڃن ۽ هن وقت تائين جيڪي به ماڻهو بيگناهه ماريا ويا آهن، انهن جي گهٽ ۾ گهٽ گذريل ڏهن سالن جي ڊيٽا جمع ڪري انهن جي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي ۽ ذميوار ڌرين کان انهن کي معاوضو ڏياريو وڃي، سنڌ جي سمورن هاءِ ويز تي جيڪي اسپتالون آهن انهن ۾ فوري علاج جو بندوبست لازم بڻايو وڃي، هاءِ ويز تي ايمولينس سروس کي يقيني بڻايو وڃي ۽ انهيءَ ڳالهه کي سو سيڪڙو يقيني بڻايو وڃي ته هاڻي وڌيڪ حادثا نه ٿيڻ گهرجن.

اسان انهيءَ موقعي تي سنڌ حڪومت کي به گذارش ڪنداسين ته سنڌ ۾ ڪيئي سالن کان سنڌ جي سمورن هاءِ ويز تي حادثا روز جو معمول بڻيل رهيا پر گذريل ڏهه سال مسلسل حڪومت ۾ رهندڙ پيپلز پارٽي جي حڪومت ڪڏهن به انهن حادثن جو ڪو به نوٽس نه ورتو، اسان سنڌ جي ايندڙ حڪومت کان پڻ مطالبو ڪنداسين ته پنهنجي عمل ۾ اچڻ بعد سنڌ جي انهيءَ سنگين مسئلي طرف ضروري ۽ فور طور تي ڌيان ڏنو وڃي.

آچر 22 جولاءِ 2018ع، 8 ذوالقعد 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

کائڻ، جيئڻ لاءِ آهي، مرڻ لاءِ نه …

ڪراچيءَ ۾ زهريلو کاڌو کائڻ سبب ٻه معصوم ڀائر فوت ٿي ويا آهن، ڏٺو وڃي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے