19 پیر , نومبر 2018

عام چونڊون، داعش ۽ دهشتگردي

سينيٽ جي گهرو معاملن واري ڪميٽيءَ اجلاس خميس ڏينهن سينيٽر رحمان ملڪ جي صدارت هيٺ ٿيو، اجلاس کي جنرل هيڊ ڪوارٽرز جي نمائندي، دهشتگرديءَ جي روڪٿام واري وفاقي اداري نيڪٽا جي سربراهه ڊاڪٽر سليمان ۽ ٻين عام چونڊن جي حوالي سان تيارين ۽ امن امان برقرار رکڻ جي ڏس ۾ کنيل قدمن کان بريفنگ ڏيندي اعتراف ڪيو ويو آهي ته انتهاپسند تنظيم داعش افغانستان ۾ پير ڄمائي ورتا آهن ۽ اهو بلوچستان ۾ به داخل ٿي چڪي آهي. سينيٽ جي ڪميٽيءَ کي ٻڌايو ويو ته بلوچستان جي علائقي مستونگ ۾ دهشتگرديءَ جو جيڪو تازو واقعو پيش آيو، جنهن ۾ سراج رئيساڻي سميت هڪ سئو ويهه کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ٿيا.

آءِ جي بلوچستان اجلاس کي ٻڌايو ته مستونگ ۾ خودڪش حملو ڪندڙ بمبار جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي، سندس نالو حافظ نواز آهي ۽ سندس تعلق ايبٽ آباد سان آهي، اهو ايبٽ آباد کان سنڌ ويو، جتي پابندي مڙهيل تنظيمن سان سلهاڙيل رهيو، جڏهن ته حملي ڪندڙ جي مدد ڪندڙ جو به پتو لڳايو ويو آهي.

هوڏانهن نيڪٽا جي سربراهه اجلاس کي ٻڌايو ته عام چونڊن دوران سمورين سياسي جماعتن جي قيادت کي خطرو آهي، پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان کان سڀ کان وڌيڪ سيڪيورٽي ٿريٽ آهن، جڏهن ته داعش به سرگرم آهي.

داعش هجي يا تحريڪ طالبان پاڪستان، تحريڪ طالبان افغانستان، جماعت الاحرار يا ڪا ٻي تنظيم اهي انتهاپسند سوچ، فڪر ۽ فلسفي مان ڦٽي نڪتل آهن، جيڪي دليل بدران بندوق جي زور تي پنهنجي راءِ ۽ پروگرام مڙهڻ تي يقين رکن ٿيون، هونئن به جتي دليل کُٽندو آهي انتهاپسندي اتان ئي شروع ٿيندي آهي. افغانستان ۾ به طالبان پرامن پرچار ذريعي پنهنجي پروگرام تي عمل ڪرائڻ لاءِ ڪردار ۽ دليل بدران بندوق تي ڀاڙيو، جنهن جو نتيجو افغانستان جي تباهيءَ جي صورت ۾ نڪتو، خوبصورت ماڻهن ۽ خوبصورت وادين وارو افغانستان اهڙو ته تباهه ٿيو جو اڄ تائين سنئين لڱين ٿي نه سگهيو آهي.

افغانستان ۾ جيڪا باهه ٽي ڏهاڪا اڳ ٻري هئي، تنهن جو تئُه خطي ۾ افغانستان جي، جي ڪنهن پاڙيسريءَ سڀ کان وڌيڪ محسوس ڪيو ته اهو پاڪستان ئي آهي، نه رڳو ان باهه جو تئُه محسوس ڪيو پر ان ۾ سڙيو ۽ اڃا به سڙي رهيو آهي. افغانستان مان سويت يونين جي فوج کي ڪڍڻ لاءِ پاڪستان جو آمريڪا جي سهڪاري ٿيڻ واري پاليسيءَ جو ڪيتو ئي آهي جيڪو اڄ تائين پاڪستان جا ادارا ۽ سياسي جماعتون ۽ سماج ڀوڳي رهيو آهي. افغانستان ۾ جيڪي ڪجهه ٿئي پيو تنهن ۾ افغانستان پاڪستان تي الزام هڻندو رهيو آهي. اهڙي طرح پشاور ۾ آرمي پبلڪ اسڪول تي ٿيل حملو هجي يا دهشتگردي جون ٻيون وارداتون پاڪستان کي انهن جي ڏور افغانستان مان ڇڪجندي نظر آئي آهي. هندستان سان دشمني سبب پاڪستان لاءِ اوڀر واري سرحد ته خطرناڪ رهندي پئي آهي پر افغانستان سان به هاڻي اهڙا ماضيءَ وارا لاڳاپا نه هئڻ ڪري اولهه واري سرحد به محفوظ ناهي رهي.

ڀارت جيڪو پاڪستان جو روايتي حريف آهي تنهن پاڪستان ۽ افغانستان جي لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ جو فائدو وٺندي افغانستان ۾ پنهنجا پير کوڙيا ايتري قدر جو جلال آباد واري ڀارتي سفارتخاني جي سرگرمين تي هميشه پاڪستان کي خدشا ۽ اعتراض پئي رهيا آهن.

هن خطي اندر خاص ڪري افغانستان ۽ پاڪستان ۾ جيڪا دهشتگردي ٿئي پئي تنهن جا ڪي ٻيا سبب نه پر مذهبي انتهاپسندي ئي آهي. اها مذهبي انتهاپسندي جنهن کي هٿ وٺي هن خطي ۾ کپر وانگرکير پياري تاتيو ۽ پاليو ويو آهي. چوڻ جو مطلب ته جيڪا سوچ مذهب جي نالي ۾ افغانستان مان سوويت فوج کي ڪڍڻ لاءِ پيدا ڪئي وئي، جنهن افرادي قوت کي تاتي، پالي هٿيار ۽ تربيت ڏئي انهيءَ مقصد لاءِ تيار ڪيو ويو هو، سا سوچ ۽ افرادي قوت افعانستان مان سوويت فوج نڪري وڃڻ کان پوءِ جڏهن واندي ٿي ته ان انهن تي ئي هٿيار اڀا ڪيا، جن کين تاتي پالي وڏو ڪيو هو.

دهشتگرديءَ جي نيٽ ورڪ خلاف، دهشتگرد ۽ انتهاپسند تنطيمن خلاف پاڪستان گذريل ڪيئي ڏهاڪن کان فيصلائتي ويڙهه وڙهندو رهيو آهي. ان ڏس ۾ پاڪ فوج، رينجرز، پوليس، ايف سي، انٽيليجنس ادارا پنهنجو ڪردار ۽ ڀرپور صلاحيتون به استعمال ڪندا رهيا آهن ۽ اها دعويٰ به ٿيندي رهي آهي ته دهشتگرديءَ جي چيلهه به چٻي ٿي وئي آهي، اهڙي صورتحال ۾ اهو اعتراف ته تحريڪ طالبان طرفان سيڪيورٽي ٿريٽ يعني دهشتگرديءَ جو خطرو ته موجود ئي موجود آهي پر داعش به داخل ٿي چڪي آهي، ڪهڙو ڏس ٿو ٿئي؟ ٻيو ته اهي خطرا رڳو چونڊن جي وقت ۽ سياستدانن لاءِ ئي ڇو آهن.

پاڪستان ۽ پاڪستان جي ماڻهن تمام گهڻو ڀوڳيو آهي، انتهاپسندي هن سماج جو علاج نه پر ڪينسر جي بيماري آهي، جنهن جو دائمي علاج ڳولڻو پوندو، ان جو دائمي علاج ترقي پسند، روشن خيال ۽ جمهوري سياسي قوتن لاءِ هڪ جهڙو، برابريءَ وارو ماحول مهيا ڪرڻ ۾ ئي سمايل آهي. انتهاپسندي هڪ سوچ آهي، هڪ فڪر آهي، جنهن کي ترقي پسند، سياسي ۽ جمهوري سوچ، فڪر ۽ فلسفي، آرٽ، ڪلا ۽ ثقافتي سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ سان ئي ختم ڪري سگهجي ٿو. ان لاءِ ضروري آهي ته رياستي سطح تي پاليسي تبديل ٿئي ۽ سياسي جماعتن جي رستا روڪ ڪرڻ بدران انهن لاءِ ماحول سازگار بڻايو وڃي.

ڇنڇر 21 جولاءِ 2018ع، 7 ذوالقعد 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

کائڻ، جيئڻ لاءِ آهي، مرڻ لاءِ نه …

ڪراچيءَ ۾ زهريلو کاڌو کائڻ سبب ٻه معصوم ڀائر فوت ٿي ويا آهن، ڏٺو وڃي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے