15 جمعرات , نومبر 2018

نيوز : خانپورمهر: هميشه اصولن جي سياست ڪئي آهي: علي محمد مهر

*خانپورمهر ۾ چونڊ مهم جي حوالي سان جي ڊي اي ۽ آزاد اميدوار پاران پاور شو ڪيو ويو،  اين اي 205 جي آزاد اميدوار ۽ اڳوڻي وڏي وزير سردار علي محمدمهر چيو آهي ته  هنن هميشه اصولن جي سياست ڪئي آهي.

خانپورمهر ۾ڪوٺايل جلسي کي خطاب ڪندي آزاد اميدوار سردار علي محمد مهر چيو ته  هو چونڊجي عوام جي خدمت ڪندا.

هن چيو ته تعلقي خانڳڙھه ۾ ڪرايل ترقياتي ڪم رڪارڊ تي آهن، شهر جي هر گهٽي ۽ محلي ۾ پيور بلاڪ ۽ ٻيون رٿائون مڪمل ڪيو ويون  آهن.

علي محمد خان مهر  اعلان ڪندي چيو ته تعلقي خانڳڙھه ۾ نياڻين لاءِ ڊگري ڪاليج منظور ڪرايو ويندو  جڏهن ته شهرين   جي تفريح لاءِ فيملي پارڪ  تعمير ڪرايو ويندو .

جلسي ۾  شهر جي هندو برادري  وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري  سردار علي محمد مهر ۽ جي ڊي اي اميدوارن  جي حمايت جو اعلان ڪيو .

خانپورمهر جي هندو برادري سميت ،مهر،ميراڻي،مينگهواڙ،چنا ،سومرا ،دايو سميت ٻين برادري جي سوين ماڻهن جلسي ۾ شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي هندو برادري جي مکي مڪند مل سردار علي محمد مهر کي سونو تاج پڻ پارايو ويو

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: گمبٽ ويجهو ڪچي واري علائقي مان چار ڏينهن پراڻو لاش هٿ

گمبٽ ويجهو ڪچي واري علائقي مان چار ڏينهن پراڻو لاش هٿ آيو ڦلو ٿاڻي جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے