18 اتوار , نومبر 2018

ڊي آءِ خان: پي ٽي آءِ اميدوار اڪرام گنڊاپور آپگهاتي حملي ۾ شهيد

DI Khan: The PTI leader, Akram Gondapur, was martyred in a suicide attack

ڊي آءِ خان(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي صوبائي سيٽ لاءِ اميدوار ۽ اڳوڻو صوبائي وزير اڪرام الله خان گنڊاپور آپگهاتي حملي ۾ شهيد ٿي ويو. ڊسٽرڪٽ پوليس آفيسر(ڊي پي او) موجب ڪلاچي مان صوبائي سيٽ لاءِ پي ٽي آءِ جي اميدوار سردار اڪرام الله خان گنڊاپور جي ڪار تي آپگهاتي ڌماڪو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ هن سميت 4 ڄڻا زخمي ٿيا اڪرام الله گنڊاپور ۽ ٻين زخمين تي طبي امداد لاءِ سي ايم ايڇ اسپتال آندو  ويو جتي پي ٽي آءِ اميدوار علاج دوران زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، جڏهن سندس خانداني ذريعن پڻ اڪرام الله گنڊاپور جي شهادت جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. شروعاتي اطلاعن موجب اڪرام الله گنڊاپور پنهنجي گهر ڏانهن روانو ٿيو ته سندس ڪار ڀرسان زوردار ڌماڪو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ ڊرائيور سميت 3 ڄڻا زخمي ٿيا. اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته ڌماڪي واري هنڌ تي هڪ انساني ڌڙ ۽ ڄنگهون پڻ موجود آهن. هوڏانهن پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان اڪرام الله گنڊاپور جي قافلي تي حملي جي سخت مذمت ڪندي زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا گهري. ياد رهي ته اڪرام الله گنڊاپور صوبائي اسمبلي جي تڪ پي ايس 99 تان پاڪستان تحريڪ انصاف جو اميدوار آهي. ياد رهي ته 10 جولائي تي پشاور جي علائقي يڪه توت ۾ عوامي نيشنل پارٽي جي ڪارنر گڏجاڻي ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ اي اين پي اميدوار هارون بلور سميت 22 ڄڻا شهيد ڪيترائي زخمي ٿيا هئا. 13 جولائي تي مستونگ ۾ چونڊ مهم دوران آپگهاتي ڌماڪي ۾ بلوچستان عوامي پارٽي جي اميدوار سراج رئيساڻي سميت 149 ڄڻا شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا. 13 جولائي واري ڏينهن تي ئي متحدا مجلس عمل جي اين اي 35 بنون تان اميدوار اڪرم خان دراني جي قافلي کي نشانو بڻايو ويو جنهن 4 ڄڻا شهيد ٿيا. 17 جولائي تي اڳوڻي وفاقي وزير ۽ پاڪستان مسلم ليگ ن جي اين اي 55 اٽڪ تان اميدوار شيخ آفتاب ڪامرا ۾ چونڊ مهم ۾ شرڪت بعد واپس اچي رهيو هو ته سندس ڪار تي فائرنگ ڪئي وئي جڏهن هو قاتلاڻي حملي ۾ محفوظ رهيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ۾ مڇريل ماڻهن جو اينٽي انڪروچمنٽ ٽيم تي حملو، آفيسر ڀڄي جان بچائي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي صدر ايمپريس مارڪيٽ ۾ حددخلين خلاف آپريشن ڪندڙ ٽيم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے