13 منگل , نومبر 2018

ڊي جي آءِ ايس پي آر جسٽس شوڪت عزيز طرفان لڳايل الزامن جي جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

DG ISPR demanded the allegations of alleged allegations by Justice shaukat azizراولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس شوڪت عزيز صديقي جي طرفان رياستي ادارن تي لڳايل الزامن جي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس شوڪت عزيز صديقي جي تقرير تي ردعمل جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي معزز جج عدليا ۽ سيڪيورٽي ايجنسين سميت ملڪ جي اهم ادارن تي سنگين الزام لڳايا آهن. پاڪ فوج جي ترجمان چيو آهي ته ملڪي ادارن جي وقار ۽ تڪريم جي تحفظ لاءِ سپريم ڪورٽ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. ياد رهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس شوڪت عزيز صديقي گذريل ڏينهن راولپنڊي بار کي خطاب دوران چيو هو ته موجودا ملڪي حالتن جو 50 سيڪڙو ذميداري عدليا ۽ باقي 50 سيڪڙو ٻين ادارن تي لاڳو ٿئي ٿي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شهباز شريف اين آر او جي ڪوشش ۾ آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته چين کان جيترو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے