20 منگل , نومبر 2018

فخر زمان ون ڊي ۾ تيز ترين هڪ هزار رنسون ٺاهڻ جو عالمي ريڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو

Fakhr Zaman was the fastest one-day international player to record a record of 1,000 runsبولاوائيو(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڀلوڙ اوپنر فخر زمان ويسٽ انڊيز جي اڳوڻي جڳ مشهور رانديگر سرويوين رچرڊ جو ريڪارڊ ٽوڙي ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ تيز ترين هڪ هزار رنسون ٺاهيندڙ بيٽسمين بڻجي ويو. پاڪستان ٽيم جي اوپنر اهو ڪارنامو پنهنجي ڪيريئر جي ارڙهين ميچ ۾ زمبابوي خلاف 20 رنسون ٺاهي سرانجام ڏنو. فخر زمان جڳ مشهور عظيم ويسٽ انڊين بيٽسمين سر ويوين رچرڊز، اڳوڻي انگلش ڪپتان ڪيون پيٽرسن، جوناٿن ٽراٽ، ڊي ڪوڪ ۽ پنهنجي هم وطن بابر اعظم طرفان 21 ميچن ۾ تيز ترين هڪ هزار رنسون ٺاهڻ جو ريڪارڊ ٽوڙيو. فخر زمان زمبابوي خلاف پنجين ۽ آخري ون ڊي ميچ ۾ وڌيڪ هڪ عالمي ريڪارڊ پنهنجي نالي ڪيو هو هڪ ڏينهن واري سريز ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ رانديگر پڻ بڻجي ويو. هن زمبابوي جي ئي هيملٽن مساڪدزا جو 467 رنسن جو  ريڪارڊ به ٽوڙيو. فخر زمان ان اڳ چوٿين ون ڊي ميچ ۾ ناٽ آئوٽ 210 رنسن جي اننگز کيڏي هئي جنهن بعد هن پاڪستان طرفان ڊبل سينچري اسڪور ڪندڙ پهرين بيٽسمين هئڻ جو اعزاز پڻ حاصل ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي عرب دهشتگردي ۽ انتها پسندي جي خلاف جدوجهد جاري رکندو: شاهه سلمان

رياض(ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي بادشاهه سلمان بن عبدالعزيز چيو آهي ته سندس ملڪ دهشتگردي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے