12 پیر , نومبر 2018

چيف جسٽس ثاقب نثار جسٽس شوڪت عزيز جي تقرير جو نوٽيس وٺي ڇڏيو، ريڪارڊ طلب

Take notice of the statement of Chief Justice Saqib Nisar Justice shauka Aziz, demanding recordڪراچي(ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس شوڪت عزيز صديقي جي تقرير جو نوٽيس وٺي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان موجب چيف جسٽس پاڪستان جسٽس ثاقب نثار شوڪت عزيز جي تقرير جو نوٽيس وٺندي پيمرا کان معزز جج جي تقرير جو ريڪارڊ طلب ڪري ورتو. ان کان اڳ سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پاڪستان چيو ته اسلام آباد جي هڪ جج جو بيان پڙهيو جنهن تي ڏاڍو افسوس ٿيو، عدليا جي سربراهه طور يقين ڏياريان ٿو ته اسان تي ڪنهن جو به دٻاءُ ناهي. چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته اسان پوري طرح آزاد آهيون ۽ خود مختيار ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ سختي سان واضح ڪري رهيو آهيان ته اسان ته ڪو به دٻاءُ ناهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شهباز شريف اين آر او جي ڪوشش ۾ آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته چين کان جيترو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے