19 پیر , نومبر 2018

نيوز: گاجي کهاوڙ : مخالفن کي اهڙي شڪست ڏينداسين جو ڳوليا نه لڀندا: برهان چانڊيو

Gaji khahwar: The defeat of the opponents will not be searched for: Burhan Khan chandio* پي ايس 17 نصيرآباد جي پ پ اميدوار برهان خان چانڊيو  چيو آهي ته  هو مخالفن کي اهڙي شڪست ڏيندا جو هو ڳوليا نه لڀندا.

گاجي کهاوڙ  ۾  پ پ اڳواڻ سرائي سبز علي کهاوڙ جي ميزباني هيٺ رائيس مل تي  پ پ جلسو  ڪوٺايو ويو  .

 پ پ اميدوار برهان خان چانڊيو جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته پيپلزپارٽي هڪ سمنڊ آھي جنهن ۾ مخالف لڙهي ويندا.، جڏهن ته  پ پ جون پاڙون عوام ۾ کتل آهن.

هن چيو ته  عوام پ پ کي چاهي ٿو،  وفاقي حڪومت پيپلزپارٽي جي اتحاد کان سواءِ نه ٺھي سگهندي.

ان موقعي تي جلسي کي پ پ اڳواڻ سرائي سبز علي کهاوڙ خطاب ڪندي چيو ته  هو پ پ سان گڏ آهن ۽سندن مسئلا به پ پ حڪومتي دور ۾ حل ٿيا آهن.

جلسي ۾ آيل مهمانن کي ميزبان سرائي سبز علي کهاوڙ پاران سنڌ جي ثقافت اجرڪ ۽ ٽوپيون پارايون ويون.

جلسي ۾ علائقي جي سوين معززن، شهرين توڙي ڳوٺاڻن ۽ ڪارڪنن توڙي ورڪرن  وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي……

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: اپٿورو: مختلف شعبن ۾ ڪاميابي ماڻيندڙن کي مڃتا ايوارڊ ڏنا ويا

پٿوري ۾ سڄاڻ ڌرين پاران تقريب ڪوٺائي مختلف مڪتب فڪر جي ماڻهن کي مڃتا ايوارڊ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے