19 پیر , نومبر 2018

چونڊ اميدوارن سميت هر شهري جي جان ۽ مال جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي: صدر ممنون حسين

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر ممنون حسين چونڊ مهم دوران وڌندڙ تشدد تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اڪرام الله گنڊاپور جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ صدر ممنون حسين لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي آهي ته اهي چونڊ اميدوارن سميت هر شهري جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻائن ته جيئن پرامن چونڊون ٿي سگهن. هن چيو ته چونڊ مهم دوران عدم برداشت جو وڌندڙ رجحان تڪليف ڏيندڙ آهي، جنهن جي نتيجي ۾ سياسي عمل وڌيڪ ڏکيائين جو شڪار ٿي ويندو. نگران حڪومت ۽ سمورن لاڳاپين قومي ادارن جي اها پهرين ذميواري آهي ته چونڊ ۽ سياسي عمل کي شفاف، غير جابندار ۽ منصفاڻو بڻائڻ جي راهه ۾ سموريون رنڊڪون ختم ڪيون وڃن ته جيئن ملڪ کي ماضي جي سخت تجربن جي بدصورت نتيجن کان محفوظ رکي سگهجي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

PM Imran sets the record straight on Trump’s tirade against Pakistan

وزيراعظم عمران خان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي تنقيد جو ڀرپور جواب ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي پاڪستان تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے