17 ہفتہ , نومبر 2018

چيف جسٽس اين اي 60 ۾ چونڊ ملتوي ٿيڻ جو نوٽيس وٺي: شيخ رشيد جو مطالبو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيف جسٽس کان اين اي 60 راولپنڊي جون چونڊون ملتوي ڪرڻ واري فيصلي تي نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي. راولپنڊي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 60 ۾ چونڊ ملتوي ڪرڻ واري فيصلي تي مخالفت ڪندي چيو ته هڪ تڪ ۾ چونڊ کي سازش تحت روڪيو پيو وڃي، ڪا به طاقت آئين تحت چونڊ نٿي روڪي سگهي، ڪنهن به تڪ ۾ فائرنگ يا ڪو مارجي وڃي ته آر او چونڊ روڪي سگهي ٿو. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن اين اي 60 جي چونڊ ملتوي ڪري غير آئيني ڪم ڪيو، اميد آهي ته اليڪشن ڪميشن آئيني رستو اختيار ڪندو. شيخ رشيد چيف جسٽس آف پاڪستان کان مطالبو ڪيو ته چونڊ ملتوي ٿيڻ جو نوٽيس ورتو وڃي، مون کي ۽ عمران خان کي هارائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. عوامي مسلم ليگ سربراهه جو چوڻ هو ته اسان کي چونڊ روڪرائڻ جو ڪو شوق نه هو، 500 ڪلو ايفي ڊرين جي ڪيس تي فيصلو ٿيو، جيڪو اڳ ۾ 10 ۽ پوءِ 22 جولاءِ تي ڪيو ويو.  هن چيو جيڪڏهن اهي ئي اختيار استعمال ڪرڻا هئا ته ڪيپٽن (ر) صفدر جي تڪ ۾ چونڊ ملتوي ڇو نه ٿي؟ اليڪشن ڪميشن جيڪڏهن آئيني قدم کنيو آهي ته هاءِ ڪورٽ اچي ٻڌائي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

سي ڊي اي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر اياز خان گم ٿيڻ جي ترديد ڪري ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد مان پراسرار نموني گم ٿيل سي ڊي اي جي ڊپٽي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے