10 پیر , دسمبر 2018

نيوز: ڪوٽ مير محمد: راشد شاهه جي مان ۾آجياڻو، پي ٽي آءِ اميدوار سندس حق ۾هٿ کڻي ويو

Kot Mir Muhammad: Come to Mr. Rashid Shah, the PML-N candidate took his right hand*ڪوٽ مير محمد جي ڀنڊ برادري پاران پي ايس 32 جي جي ڊي اي اميدوار سيد راشد شاهه جي مان ۾آجياڻو ڏئي سندس حمايت جو اعلان ڪيو ويو آهي. جڏهن ته پي ٽي آءِ اميدوار سندس حق ۾هٿ کڻي ويو.

ڪوٽ مير محمد علي ۾ ايڊووڪيٽ شوڪت علي ڀنڊ پاران پي ايس 32 جي جي ڊي اي اميدوار سيد راشد علي شاهه جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو.

تقريب ۾پي ٽي آءِ اميدوار شوڪت علي ڀنڊ پي ايس 32 تي جي ڊي اي جي اميدوار سيد راشد علي شاهه جي حمايت جو اعلان ڪندي سندس حق ۾هٿ کڻي ويو.

تقريب کي خطاب ڪندي سيد راشد شاهه راشدي چيو ته هو مخالفن کي بدترين شڪست ڏيندا.

هن چيو ته عوام 25 جولاءِ تي ستاري جي نشان تي ٺپو هڻي جي ڊي اي جي سمورن اميدوارن کي ڪامياب ڪندو.

تقريب کي خطاب ڪندي ڀنڊ برادري جي سردار ايڊووڪيٽ شوڪت علي ڀنڊ جو چوڻ هو ته عوام ۾ سجاڳي پيدا ٿي چڪي آهي، هاڻي پ پ وارن جي سکڻن دلاسن ۽ ڪوڙن واعدن جا ڏينهن گذري ويا آهن.

هن چيو ته پ پ مان جان ڇڏائڻ جو وقت اچي چڪو آهي، مخالفن کي شڪست نصيب ٿيندي.

تقريب جي آخر ۾ ايڊووڪيٽ شوڪت علي ڀنڊ پاران سيد راشد علي شاهه کي سنڌ جي ثقافت ٽوپي ۽ اجرڪ پيش ڪيو ويو.

تقريب ۾ الله رکيو ڀنڊ، سڌير ڀنڊ، علي گوهر ڀنڊ، اظهر علي ڀنڊ، اسد علي ڀنڊ ۽ ڀنڊ برادري سميت ناريجا هڪڙا ۽ ٻين  برادرين جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي……

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ٺٽو: سٽي جي واپاري ايسوسيئشن ۾ سخت اختلاف، ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي وئي

ٺٽي سٽي جي واپاري ايسوسيئشن ۾ سخت اختلاف ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي وئي، هڪ ڌڙي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے