16 جمعہ , نومبر 2018

نيوز: خيرپور: چونڊ مهم دوران جهيڙي ۾زخمي ٿيل جيالي اسپتال ۾دم ڏئي ڇڏيو

Khairpur: At least four people were killed during an election campaign*خيرپور ويجهو چونڊ مهم دوران جهيڙي ۾زخمي ٿيل جيالي اسپتال ۾دم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته ايس ايس پي جي خاطري تي باءِ پاس تان ڌرڻو ختم ڪيو ويو آهي.

پير ڳوٺ ۾چونڊ مهم دوران پ پ ۽ ف ليگ ڪارڪنن ۾ٿيل جهيڙي دوران زخمي ٿيل نوجوان 18 ورهين جي ياسر عباسي سول اسپتال خيرپور ۾زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو.

نوجوان جو لاش پوسٽ مارٽم بعد مل ڪالوني خيرپور پهچڻ تي گهر ۾ڪهرام مچي ويو، جڏهن ته آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

هوڏانهن ايس ايس پي خيرپور پ پ اڳواڻن کي خاطري ڪرائي باءِ پاس تي هنيل ڌرڻو ختم ڪرائي ڇڏيو آهي…..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڪراچي: جوهي جي آبادگارن پاران پاڻي کوٽ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج

جوهي برانچ جي زرعي پاڻي تي ڌاڙي خلاف احتجاج ڪندڙ آبادگار ڪراچي پهچي ويا، پر  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے