20 ہفتہ , اکتوبر 2018

نيوز: ڏوڪري : پ پ اميدوارن کي شڪست چٽي طرح نظر اچي رهي آهي: عادل انڙ

Dokri: Candidates are looking badly: Adal unarجي ڊي اي اڳواڻ ۽ پي ايس 13 ڏوڪري جي اميدوار عادل الطاف حسين انڙ چيو آهي ته جي ڊي اي اميدوارن جي عوامي پذيرائي ڏسي پيپلزپارٽي جي اميدوارن کي شڪست چٽي طرح نظر اچي رهي آهي.

 ڏوڪري پريس ڪلب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عادل الطاف حسين انڙ چيو ته سنڌ جو عوام پيپلزپارٽي جي ڏهن سالن واري خراب ڪارڪردگيءَ کان بيزار هو ان ڪري گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس جي اميدوارن کي ڀرپور عوامي موٽ ملي رهي آهي.

 هن چيو ته عوامي انقلاب جو ڏينهن ويجهو اچي ويو آهي ۽ 25 جولاءِ تي پي ايس 13 سميت سنڌ جي سمورن قومي توڙي صوبائي تڪن تي جي ڊي اي جي اميدوارن کي ووٽ ڏئي عوام هڪ نئين تبديلي آڻيندو.

ان موقعي تي عادل الطاف حسين انڙ پريس ڪلب کي هڪ اي سي ڏيڻ جو پڻ اعلان ڪيو.

ان کان اڳ عادل الطاف حسين انڙ ڏوڪري شهر جي مختلف پاڙن ۽ ڳوٺن ۾ چونڊ مهم دوران ووٽرن سان ڪارنر گڏجاڻيون ڪيون…….

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | چمبڙ ۾ بجلي جو ڇا ٿيو؟ واپڊا وارا چاهين ڇا ٿا؟ رهواسي نڪتا ڇو روڊن تي ؟؟ اوهان ٿيندو پريشان؟

چمبڙ  ۾ ڳوٺ محمد حسن دل جي رهواسين 15 ڏينھن کان بجلي ڪاٽڻ تي حيسڪو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے