18 اتوار , نومبر 2018

انصاف اهو جيڪو ٿيندي نظر اچي

راولپنڊيءَ ۾ منشيات جي خاتمي جي عدالت ايفيڊرين ڪوٽا ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي مسلم ليگ نواز جي اڳوڻي ايم اين اي ۽ هاڻوڪين چونڊن ۾ قومي اسيمبليءَ جي تڪ اين اي 60 تان مسلم ليگ (ن) جي اميدوار حنيف عباسيءَ کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي، جنهن کان فوري پوءِ کيس گرفتار ڪري اڊيالا جيل منتقل ڪيو ويو. ايفيڊرين ڪيس 2012ع کان وٺي هلندڙ هو، جنهن ۾ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلانيءَ جي پٽ علي موسيٰ گيلاني ۽ پ پ اڳواڻ مخدوم شهاب الدين سميت ٻيا ست اميدوار به نامزد هئا، جن کي عدالت باعزت نموني سان آزاد ڪري ڇڏيو.

ايفيڊرين هڪ ڪيميائي مواد آهي جيڪو دوائن ٺاهڻ لاءِ دوائون ٺاهيندڙ ڪمپنيون گهرائينديون آهن، حنيف عباسي به هڪ دوا ساز ڪمپنيءَ جو مالڪ آهي. جنهن تي الزام هو ته هن ايفيڊرين وارو ڪيميائي مادو ڪوٽا کان وڌيڪ گهرائي ڏوهه ڪيو هو ۽ شڪ هو ته اهو دوا نه پر نشي لاءِ ڪتب آندو ٿي ويو.

حنيف عباسيءَ خلاف هيءُ ڪيس ٻڌندي عدالت جا پنج جج تبديل ٿيا هئا، جڏهن ته عدالت هن ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو هو، جيڪو آگسٽ ۾ يعني عام چونڊن کان پوءِ اچڻو هو پر اوچتو ئي اوچتو تاريخ تبديل ٿي ۽ هيءُ فيصلو ٽيون ڏينهن (ڇنڇر 21 جولاءِ تي) عام چونڊن کان فقط ٽي ڏينهن اڳ ٻڌايو ويو، نه رڳو فيصلو ٻڌايو ويو پر عام عدالتي فيصلن جي ڀيٽ ۾ هيءُ فيصلو رات دير سان ٻڌايو ويو، جنهن کي تجزيي نگار رات جي اونداهيءَ ۾ ٻڌايل فيصلو سڏين ٿا.

هن فيصلي تي به ايئن ئي سوال اٿي رهيا آهن ۽ تنقيد ٿي رهي آهي، جيئن احتساب عدالت طرفان ميان نواز شريف ۽ سندس ڌيءُ مريم نواز کي ايون فيلڊ ريفرنس ۾ قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي هئي، جيڪي به اڊيالا جيل ۾ قيد آهن.

ملڪ ۾ اڄ ڪلهه عام چونڊن جي مند آهي، اهڙي ماحول ۾ ههڙي قسم جي عدالتي فيصلن سان عوام ۾ فيصلا درست هئڻ بدران ڪنهن هڪ جماعت کي ۽ ان جي اڳواڻن ۽ اميدوارن کي ٽارگيٽ ڪرڻ جو تاثر پختو ٿيندو. نه رڳو مسلم ليگ نواز پر پاڪستان پيپلز پارتي، عوامي نيشنل پارٽي، ايم ڪيو ايم ۽ بلوچستان جي ڪجهه قومپرست پارٽين کي شڪايت آهي ته کين هڪ جهڙو ماحول مهيا نه پيو ڪيو وڃي. ڪنهن هڪ جماعت لاءِ راهه هموار ڪرڻ لاءِ کين ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي، سندن رستا روڪ ڪئي پئي وڃي، ڪن کي شڪايت آهي ته سندن رستا روڪ لاءِ دهشتگرديءَ جو هٿيار استعمال ڪيو پيو وڃي ۽ ڪي وري سمجهن ٿا ته عدالتن جو سندن خلاف استعمال ٿئي پيو.

اهي ملڪ جتي آزاد ماحول ۽ مضبوط جمهوريتون هونديون آهن اتي عدالت به معمول موجب بنا ڪنهن دٻاءَ ۽ تنقيد جي ڪم ڪنديون رهنديون آهن ته حڪومت جو ۽ سرڪار جو وهنوار به بنا ڪنهن رنڊ روڪ ۽ آڱر کڄڻ جي هلندو رهيو آهي. عدالتون قانون ۽ آئين موجب بغير ڪنهن جذبات ۾ يا دٻاءَ ۾ اچڻ جي پنهنجا فيصلا ڏينديون آهن، تنهن ڪري ئي چيو ويندو آهي ته انصاف اهو جيڪو ٿيندي نظر اچي پر اسان وٽ ان جي ابتڙ عدالتي فيصلن تي هميشه آڱريون کڄنديون رهيون آهن ۽ تنقيد ٿيندي رهي آهي. پاڪستان جي پهرين چونڊيل وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽي کي هڪ هٿ ٺوڪي ڪيس ۾ ڦاهيءَ جي جيڪا سزا ملي تنهن کي تاريخ غلط ثابت ڪيو، اهو عدالتي سڏجي ٿو ۽ جنهن بينچ اهو فيصلو ڏنو هو، تنهن جي هڪ ميمبر، جسٽس رٽائر نسيم حسن شاهه، جيڪو اڳتي هلي سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس به بڻيو تنهن آن دي رڪارڊ تسليم ڪيو هو ته هنن ان وقت جي فوجي سرڪار جي دٻاءَ ۾ اچي ذوالفقار علي ڀٽي کي سزا ڏني هئي.

منشيات جي روڪٿام واري خاص عدالت جنهن ڏينهن حنيف عباسيءَ خلاف فيصلو ٻڌايو آهي تنهن ڏينهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس شوڪت عزيز صديقيءَ به راولپنڊيءَ بار کي خطاب ڪندي پاڪستان جي عدليا جنهن ماحول مان گذري رهي آهي تنهن تي تفصيلي روشني وڌي آهي، هن چيو ته عدليا جي آزادي ڪنٽرولڊ آهي.

هڪ ڳجهو ادارو عدليا سان سازباز ڪري فيصلا ڪرائي رهيو آهي، هن چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي چيو ويو ته نواز شريف ۽ مريم نواز 25 جولاءِ کان اڳ جيل مان ٻاهر نه اچن. ٻيو ته جيڪا بينچ جوڙيو تنهن ۾ جسٽس شوڪت عزيز صديقي نه هئڻ گهرجي.

سو جسٽس شوڪت عزيز صديقيءَ صبح جو راولپنڊي بار کي پنهنجي خطاب ۾ اهي اهم ڳالهيون ڪيون ۽ رات جو يارهين وڳي ايفيڊرين ڪيس ۾ حنيف عباسيءَ کي عمر قيد جي سزا آئي، جنهن جي ڪري ئي عدليا جي آزاد هئڻ بابت سوال شدت سان اٿي رهيا آهن.

ڏوهه جي ڏوهاري کي سزا اچڻ گهرجي، ان سان ڪنهن به قسم جي ڪا رعايت نه ٿيڻ گهرجي پر فيصلا اهڙا اچڻ گهرجن ۽ ٿيڻ گهرجن جن تي سوال اٿڻ، آڱريون کڄڻ بدران واهه واهه ٿئي. پر جي اهڙا فيصلا ايندا جن بابت انتقام جو تاثر اڀري ته ان سان عدليا جي ساک جي اڳ ئي متاثر آهي سا ويتر متاثر ٿيندي. سو هڪ ته فيصلي جي وقت ۽ ٻيو جنهن ماحول ۽ جنهن ڏينهن ٻڌايو ويو آهي، تنهن سان هن فيصلي تي آڱريون کڄي رهيون آهن. چوندا آهن ته انصاف اهو جيڪو ٿيندي نظر اچي، سو پاڪستان جا ماڻهو گذريل ستر سالن کان ان ڏينهن لاءِ منظر آهن، جنهن ڏينهن کين انصاف ٿيندي نظر اچي.

سومر 23 جولاءِ 2018ع، 9 ذوالقعد 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

کائڻ، جيئڻ لاءِ آهي، مرڻ لاءِ نه …

ڪراچيءَ ۾ زهريلو کاڌو کائڻ سبب ٻه معصوم ڀائر فوت ٿي ويا آهن، ڏٺو وڃي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے