23 منگل , اکتوبر 2018

300 کان وڌيڪ پاڪستاني مسافر چين جي ڪينٽن ايئرپورٽ تي ڦاٿل

More than 300 Pakistani travelers fly on China Can Can Airportڪراچي(ويب ڊيسڪ) ملڪي نجي ايئرلائن شاهين ايئر جي ذريعي وطن واپس ايندڙ 300 کان وڌيڪ مسافر چين ۾ ڪينٽن ايئرپورٽ تي ڦاسي پيا.  ميڊيا جي رپورٽن موجب شاهين ايئر جي چين کان لاهور ايندڙ اُڏام 3 ڏينهن گذرڻ باوجود به اُڏام ڀري نه سگهي، رهتون ادا نه ڪرڻ سبب سول ايوي ايشن اٿارٽي جي طرفان شاهين ايئر جي سعودي عرب کانسواءِ ٻين ملڪن لاءِ عالمي اُڏامن تي بورڊنگ برجز، نيوي گيشن، جهاز جي ٽيڪ آف لينڊنگ ۽ پارڪنگ سميت سمورين خدمتن تي بندش آهي. رپورٽن موجب چين جي عالمي هوائي اڏي ڪينٽن کان شاهين جي اُڏام جي ذريعي وطن واپس ايندڙ مسافر هوٽلن ۽ ايئرپورٽ جي لائونج ۾ رات گذاري رهيا آهن، ايئر پورٽ تي ڦاٿل مسافرن آرمي چيف، چيف جسٽس ۽ وزير اعظم کي اپيل ڪئي آهي ته سندن وطن واپسي کي ممڪن بڻايو وڃي. شاهين ايئر جي ترجمان موجب 72 ڪلاڪ گذرڻ باوجود سول ايوي ايشن شاهين ايئر جي چين کان لاهور واري فلائٽ اُڏام ڀرڻ جي اجازت ناهي ڏني،  پاڪستاني مسافر اڃان تائين چين جي هوٽل ۾ ڦاٿل آهن ۽ سندن ويزا جو معدو ختم ٿي رهيو آهي جنهن سبب هو سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن. هوڏانهن سول ايوي ايشن ان مسئلي تي ڪنهن به قسم جو موقف اختيار ڪرڻ کان پاسو ڪيو آهي، ڇنڇر واري ڏينهن سنڌ هاءِ ڪورٽ سول ايوي ايشن کي شاهين ايئر جي پرڏيهي ملڪن روڪڻ ۽ عدالتي حڪم ته عمل نه ڪرڻ تي توهين عدالت جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Kashmir: 3 militants killed, 2 jawans injured in ongoing encounter

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج وڌيڪ 8 ڪشميرين کي  شهيد ڪري ڇڏيو

سرينگر ( ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير جي ضلعي ڪلگام ۾ قابض ڀارتي فوج جي فائرنگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے