10 پیر , دسمبر 2018

ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪيس: اليڪشن ڪميشن خلاف عمران خان جي درخواست خارج

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ننڍي چونڊ ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن جي نوٽيفڪيشن خلاف عمران خان جي درخواست خارج ڪري ڇڏي ۽ اليڪشن ڪميشن طرفان عمران خان کي جاري نوٽيس بحال ڪري ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن عمران خان کي ننڍي چونڊ دوران لاهور، ساهيوال، لوڌران ۾ جلسا ڪرڻ تي نوٽيس موڪيو ويو. عمران خان نوٽيس خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطوڪيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 26 اپريل 2018ع تي فيصلو محفوظ ڪيو هو، هاءِ ڪورٽ جي سنگل بئنچ جسٽس عامر فاروق فيصلو لکيو. عمران خان طرفان بابر اعواڻ جو جونيئر وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيو. عدالت اليڪشن ڪميشن جي نوٽيفڪيشن خلاف عمران خان جي درخواست خارج ڪري ڇڏي ۽ اليڪشن ڪميشن طرفان عمران خان کي جاري ڪيل نوٽيس بحال ڪيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

لاهور هاءِ ڪورٽ جو وضو جو پاڻي ٻوٽن کي ڏيڻ جو حڪم

لاهور(ويب ڊيسڪ) هاءِ ڪورٽ پاڻي محفوظ ڪرڻ واري هڪ درخواست جي ٻڌڻي دوران انتظاميا کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے