19 جمعہ , اکتوبر 2018

ڪراچي سٽي ڊسٽرڪٽ پوليس جي ڪارروائي، پرزائيڊنگ آفيسر گرفتار

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي جي تڪ پي ايس 93 جي پولنگ اسٽيشن لاءِ مقرر ڪيل پرزائيڊنگ آفيسر کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ڪراچي ۾ سٽي ڊسٽرڪٽپوليس ڪارروائي ڪندي صوبائي اسيمبلي جي پي ايس 63 جي پولنگ اسٽيشن لاءِ مقرر ٿيل پرزائيڊنگ آفيسر کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ايس ايس پي سميع الله سومري موجب وحيد الله اسسٽنٽ ڊائريڪٽر سالڊ ڊي ايم سي ويسٽ آهي. هن چيو ته وحيد الله نور عالم نالي سان متبادل ڊيوٽي لاءِ درخواست ڏني، درخواست کڻي زبير نالي شخص آر او  وٽ موڪليو ويو. سندس چوڻ هو ته آر او سامهون زبير سموري معاملي جو راز فاش ڪري ڇڏيو، آر او فوري طور پوليس کي جعلسازي جو اطلاع ڪيو جڏهن ته جعلي پرزائيڊنگ آفيسر موقعي تان ڀڄي ويو. ايس ايس پي موجب عدالتي حڪمن تي وحيد الله کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جوابدار سياسي پارٽي جو ڪارڪن آهي ۽ هن کان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آفاق احمد ايم ڪيو ايم سان رابطن جي ترديد ڪري ڇڏي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) مهاجر قومي موومينٽ جي اڳوڻي چيئرمين آفاق احمد متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے