19 جمعہ , اکتوبر 2018

اين اي 60 تي چونڊ ملتوي ڪري زيادتي ڪئي وئي آهي: شيخ رشيد

Shaykh Rashid was created in two arms of the NDA against the announcement of the joint struggleاسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته اين اي 60 ۾ چونڊ ملتوي ڪرڻ زيادتي آهي، اليڪشن ۾ باقي 2 ڏينهن آهن، اليڪشن ڪميشن تڪراري فيصلو ڪيو آهي.سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته صبح کان روالپنڊي ۽ اسلام آباد وچ ۾ فٽبال بڻيل آهيان، هاءِ ڪورٽ منهنجي درخواست تي ڪابه ٻڌڻي نه ڪئي آهي. هن چيو ته ذهني پستي جو شڪار ماڻهو اليڪشن کي نقصان پهچائڻ جي پويان آهن. سندس چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪري ڇڏي هاڻي راولپنڊي وڃي رهيو آهيان. شيخ رشيد چيو ته  اين اي 60 ۾ چونڊ ملتوي ڪرڻ اليڪشن ڪميشن جو غير ذميواراڻو فيصلو  آهي، تمام وڏي زيادتي آهي. هن چيو ته چيف جسٽس مان وڏي اميد آهي، عمران خان جو ساٿي آهيان، سازشن کان پاسو ڪندو آهيان.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آفاق احمد ايم ڪيو ايم سان رابطن جي ترديد ڪري ڇڏي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) مهاجر قومي موومينٽ جي اڳوڻي چيئرمين آفاق احمد متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے