14 بدھ , نومبر 2018

جديد روبوٽ مصورن جي شاهڪار تصويرن نقادن کي حيران ڪري ڇڏيو

The modern pictures of the modern robot monsters have surprised the motivationsاسٽينفورڊ(ويب ڊيسڪ) سڄي دنيا ۾ روبوٽن کان ڪيترائي ڪم ورتا پيا وڃن ۽ هاڻ اهي باقائدا مصوري جا ماهر ٿي ويا آهن ۽ ان سلسلي ۾ روبوٽ مصوري ۽ پينٽنگز جا شاهڪار ٺاهي سڄي دنيا مان داد ۽ انعام پڻ وصول ڪري رهيا آهن. ڪيترائي ورهيه اڳ اسٽينفورڊ جي هڪ انجينيئر اينڊريو ڪونريوني روبوٽ کي اهو فن مصنوعي ذهانت(آرٽيفيشل انٽيليجنس)، نيورل نيٽ ورڪ ۽ فيٽ بيڪ لوپس جي ذريعي سيکاريو ۽ هاڻ اهو هڪ عالمي مقابلو بڻجي چڪو آهي. 2018 جي روبوٽن جي مصوري فن جي مقابلي ۾ سڄي دنيا مان 19 ٽيمن حصو ورتو ۽ پنهنجي جدت جي ذريعي روبوٽن کان حيرت ۾ وجهندڙ تصويرون ٺاهرايون. ڪيترن ئي ماهرن اهڙا روبوٽ پڻ پِيش ڪيا جيڪي ماهر آرٽسٽ وانگر ڪلها ۽ هٿ گهمائندي رنگ جو اسٽروڪ لڳائيند نظر آيا، جڏهن ته هلائڻ لاءِ جديد ترين الگورٿم ۽ سافٽ ويئر پڻ پيش ڪيا ويا هئا.ڪيترائي اهڙا روبوٽ به رکيا ويا هئا جيڪي هڪ ئي وقت ۾ هڪ کان وڌيڪ برشن سان پينٽنگ ڪندي نظر آيا ۽ ماهر اها صلاحيت ڏسي دنگ رهجي ويا. ان سلسلي ۾ پهريون انعام هڪ مصور ربورٽ، ڪلائوڊ پينٽر کي ڏنو ويو جنهن ڊيپ نيورل نيٽ ورڪ ۽ جديد الگورٿم جي ذريعي هڪ شاهڪار تصوير ٺاهي جنهن جا ڪيترائي حصا آهن. ان مقابلي ۾ عوام ۽ ماهر مصورن، ٻنهي پنهنجي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو جنهن جي بنياد تي پهرين نمبر تي ايندڙ روبوٽ جي ٽيم کي چاليهه لک ڊالرن جو انعام پيش ڪيو ويو جڏهن ته ڏهن بهترين روبوٽن کي به خاص رقم انعام طور ڏني وئي. پهرين نمبر تي ايندڙ ڪلائوڊ پينٽر کي هڪ آمريڪي انجينيئرپنداروان ارمان تيار ڪيو آهي ۽ سندس روبوٽ گذريل سال ٽئين نمبر حاصل ڪيو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رت ۾ آڪسيجن جو مقدار ماپڻ وارو لچڪدار آڪسي ميٽر تيار

ڪيليفورنيا(ويب ڊيسڪ)اسپتالن ۾ آڪسي ميٽر ته جامد هوندا آهن جنهن کي آڱر تي پارائي جسم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے