23 منگل , اکتوبر 2018

نواز شريف جي جيل ۾ بيماري تي سخت ڳڻتي آهي: شهباز شريف

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته نواز شريف جي جيل ۾ بيماري تي سخت ڳڻتي آهي. هڪ بيان ۾ شهباز شريف چيو ته مطالبي باوجود جيل انتظاميه اڳوڻي وزيراعظم کي بنيادي سهولتن کان محروم رکيو، سندس طبيعت جي خرابي تي مون سميت خاندان جي ڪيترن ئي فردن کي ڇو آگاهه نه ڪيو ويو آهي. هن چيو ته  نگران وزيراعظم ۽ وڏي وزير کان نواز شريف جي ذاتي ڊاڪٽر کان علاج جو مطالبو ڪيو پرنگران حڪومت منهنجي مطالبي کي نظرانداز ڪيو. سندس چوڻ هو ته نواز شريف کي دل جي شديد تڪليف آهي، کيس علاج جون بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ جيل انتظاميه جي ذميواري آهي. شهباز شريف چيو ته هڪ دفعو ٻيهر اڳوڻي وزيراعظم کي ڊاڪٽرن جي رپورٽ موجب اسپتال منتقل ڪرڻ جي اپيل ڪريان ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪنزيٰ تشدد ڪيس: جوابدار ڊاڪٽر محسن رياض جي 29 آڪٽوبر تائين عبوري ضمانت منظور

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) گهرو تشدد جو شڪار 11 سالن جي ننڍڙي ملازم ڪنزيٰ کي عدالت ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے