13 منگل , نومبر 2018

زمبابوي کي وائٽ واش شڪست ڏيندڙ شاهينن جي مرحليوار وطن واپسي سڀاڻي کان شروع ٿيندي

Zimbabwe will return home from Victorious Witnesses who will return to the country tomorrowلاهور(اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم زمبابوي جي ڪامياب دوري بعد سڀاڻي کان مرحليوار وطن واپسي جو سفر شروع ڪندي. سمورن رانديگرن ۽ آفيشل اڄ دبئي پهچندا جتي هو مختلف شهرن لاءِ الڳ الڳ فلائٽون پڪڙيندا. ڪپتان سرفراز احمد 24 جولائي تي شام 5 لڳي 10 منٽن تي ڪراچي پهچندو. حسن علي، فهيم اشرف، محمد عامر، محمد حفيظ، آصف علي، بالنگ ڪوچ اظهر محمود، ٽيم منيجر طلعت علي، هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر، ميڊيا منيجر عون زيدي، طلحه اعجاز، ڪرنل(ر) اعظم خان 25 جولائي تي صبح جو هڪ لڳي 50 منٽن تي لاهور پهچندا. شاداب خان، محمد نواز ۽ عثمان شنواري 25 جولائي تي صبح ساڍي ستين وڳي اسلام آباد پهچندا. 25 جولائي تي صبح جو ستين وڳي سريز جي بهترين رانديگر فخر زمان پشاور پهچندو، جڏهن ته شعيب ملڪ 26 جولائي تي صبح 8 لڳي 35 منٽن تي سيالڪوٽ لينڊ ڪندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آئي سي سي ون ڊي رينڪنگ: پاڪستان  پنجين نمبر تي اچي ويو

دبئي(اسپورٽس نيوز)آئي سي سي جي ون ڊي رينڪنگ ۾ انگلينڊ جي ٽيم پهرين ۽ پاڪستان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے