21 بدھ , نومبر 2018

ڌرميندر ۽ شتتروگن سنها 29 ورهين بعد گڏ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندا

Dharmandhar and Chattrogan will be shown 29 years laterممبئي(شوبز نيوز) ماضي جا عظيم اداڪار ڌرميندر ۽ شتتروگن سنها 29 ورهين بعد گڏ فلم” يملا پگلا ديوانا ڦرسي“ ۾ نظر ايندا. ڌرميندر ۽ شتتروگن سنها ماضي ۾ ڪيترن ئي فلمن ۾ گڏ ڪم ڪري چڪا آهن جن ۾  دوست، بليڪ ميل، تيسري آنک ۽ 1989 ۾ ريليز ٿيندڙ فلم شهزادي شامل آهن. ٻنهي اداڪارن هاڻ 29 ورهين بعد فلم”يملا پگلا ديوانا سريز جي ٽئين فلم ۾ گڏ ڪم ڪندي نظر ايندا. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب فلم ۾ سوناڪشي سنها ۽ سندس والد شتتروگن سنها جي گيت ۾ گڏ پرفارم ڪرڻ جو خبرون گردش ڪري رهيون هيون پر هاڻ فلم ۾ سندن ڪردار کي وڌايو ويو آهي ۽ هاڻ هو جج جي روپ ۾ نظر ايندو. ڌرميندر، سني ديول ۽ بوبي ديول جي فلم” يملا پگلا ديوانا ڦرسي“ سلمان خان به مختصر ڪردار ادا ڪندو. فلم جو ٽيزر ريليز ڪيو ويو آهي، جنهن کي مداحن طرفان ڀرپور موٽ ملي آهي ۽ فلم 31 آگسٽ تي سينما گهرن جي زينت بڻجندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عاليا ڀٽ پنهنجي شاديءَ جو انتظار ڪندڙن کي مايوس ڪري ڇڏيو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا عاليا ڀٽ پاڻ کي 25 سالن جي ٻڌائيندي چيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے