18 اتوار , نومبر 2018

ڪنهن سان ناانصافي نه ٿيندي، جسٽس شوڪت سان به انصاف ٿيندو: چيف جسٽس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان ميان ثاقب نثار چيو آهي ته ڪنهن سان ناانصافي نه ٿيندي ۽ جسٽس شوڪت سان به انصاف ٿيندو.  سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس شوڪت عزيز صديقي خلاف پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ڪنهن سان ناانصافي نه ڪنداسين، جسٽس شوڪت عزيز صديقي سان به انصاف ٿيندو. ان موقعي تي چيف جسٽس آئين سان عدالت اندر پنهنجو حلف به پڙهي ٻڌايو ۽ درخواست گذار کي خاطري ڪرائي ته ملڪ خلاف ڪجهه نه ٿي رهيو آهي. ميان ثاقب نثار ريمارڪس ڏنا ته جيستائين هيءَ طاقتور عدليا موجود آهي، ملڪ تي الله پاڪ جو فضل رهندو. چيف جسٽس درخواست گذار کي چيو ته جيڪڏهن توهان ان معاملي تي پٽيشن ڪرائڻ چاهيو ٿا ته ڪرايو، ان معاملي تي اڳ ئي نوٽيس ورتو ويو آهي، مان ان معاملي تي پاڻمرادو نوٽيس نه وٺي رهيو آهيان. واضح رهي ته چيف جسٽس راولپنڊي هاءِ ڪورٽ بار ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شوڪت عزيز صديقي جي تقرير جو نوٽيس ورتو هو، جڏهن ته آءِ ايس پي آ4 به ان بيان جي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

سپريم ڪورٽ جو ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے