15 جمعرات , نومبر 2018

ايم ڪيو ايم جو نالو بدنام ٿي چڪو آهي: مصطفيٰ ڪمال

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪ سرزمين پارٽي جي سربراهه مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته مهاجرن ايم ڪيو ايم کي پنهنجو سڀ ڪجهه ڏنو پر موٽ ۾ کين ڪجهه نه مليو، ايم ڪيو ايم جو نالو بدنام ٿي چڪو آهي. اورنگي ٽائون ۾ ڪارنر گڏجاڻي کي خطاب ڪندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته اڄ شهر جو منظر ڏسي دل رت جا ڳوڙها روئي رهي آهي، ڪراچي لاءِ مان جيڪو ڪجهه ڪيو، ايم ڪيو ايم وارن وٽ ٻڌائڻ لاءِ اهو ئي آهي، ان کانسواءِ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪردگي ٻڙي آهي، مهاجرن سڀ ڪجهه ڏنو پر ايم ڪيو ايم انهن کي ڪجهه نه ڏنو. هن چيو ته اسان چونڊن ۾ ڪامياب ٿي شهر کي هڪ ڀيرو ٻيهر 2005ع کان 2010ع وارو ڪراچي بڻائينداسين، ٻن ڏينهن کانپوءِ شهر جا ماڻهو چونڊن ذريعي ايندڙ نسلن جو فيصلو ڪندا.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ روزگار جي فراهمي پهرين ترجيح آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے