18 اتوار , نومبر 2018

25 جولاءِ تي مخالفن جون ضمانتون ضبط ٿي وينديون: چوڌري نثار

ڪاروات (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته مان گذريل 34 ورهين کان ڳاٽ اوچو ڪري سياست ڪئي، ڪڏهن به ڪنهن جي اڳيان ناهيان جهڪيو، 25 جولاءِ تي مخالفن جو ضماتون ضبط ٿي وينديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪاروات جي علائقي بسالي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. سندس چوڻ هو ته مان چئن سيٽن تان چونڊ وڙهي رهيو آهيان، عوام سدائين مون سان گڏ بيٺل رهيو، مخالفن کي جيڪو وڻي ڪن، هي علائقي سڀني کي آئينو ڏيکاريندو. چوڌري نثار چيو ته هن علائقي ۾ روڊ ۽ پلون نه هيون، الله مون کي توفيق ڏني، مان هڪ هڪ ڳوٺ کي بجلي ۽ روڊ جي سهولت فراهم ڪئي، جڏهن روڊ ٺهرائي رهيو هيس ته پنجاب حڪومت چيو اهو ننڍو شهر آهي، مان کين چيو ته ڇا اهي پاڪستاني شهري ناهن؟. سندس چوڻ هو ته منهنجي برادري ۽ طاقت عوام آهي، مخالف اميدوار ميٽرڪ فيل آهي، اميدوار جي بئنر کي نه خدمت کي ڏسو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ۾ مڇريل ماڻهن جو اينٽي انڪروچمنٽ ٽيم تي حملو، آفيسر ڀڄي جان بچائي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي صدر ايمپريس مارڪيٽ ۾ حددخلين خلاف آپريشن ڪندڙ ٽيم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے