21 بدھ , نومبر 2018

ورهين کان اسان جي خرابين جي ذميوار ڀِت کي آخري ڌِڪو ڏيڻ جو وقت اچي ويو آهي: نواز شريف

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته ورهين کان اسان جي خرابين جي ذميوار ڀِت کي آخري ڌڪو ڏيڻ جو وقت اچي ويو آهي. نواز شريف ۽ مريم نواز اڊيالا جيل ۾ قيد آهن، جتان مريم نواز جي ٽوئيٽر هينڊل سان نواز شريف آڊيو پيغـام جاري ڪيو آهي. سندس چوڻ آهي ته 25 جولاءِ وارو تاريخي ڏينهن اچي پهتو آهيان، مان جيل ۽ قيد ۾ به توهان جو جوش ۽ جذبو ڏسي رهيو آهيان، هر پاسي ووٽ کي عزت ڏيو جو نعرو ٻڌي رهيو آهيان. هن چيو ته مان ۽ مريم نواز ان لاءِ قيد ۾ آهيون ڇو ته توهان جي ۽ توهان جي ووٽ جي عزت لاءِ تحريڪ هلائي، هاڻ وقت اچي ويو آهي ته توهان ان تحريڪ کي ڪامياب بڻايو ۽ اهڙو تاريخي فيصلو ٻڌايو، جيڪو سمورن فيصلن کي ٻوڙي ڇڏي. نواز شريف چيو ته 25 جولاءِ تي فجر جي نماز کانپوءِ ڀرپور عزم ۽ پختي ارادي سان گهرن کان ٻاهر نڪرو، پنهنجي عزت ۽ ووٽ جي حرمت لاءِ ن ليگ کي ووٽ ڏيو، شينهن جي نشان کي ووٽ ڏيو. اڳوڻي وزيراعظم جو چوڻ هو ته ملڪ جي قسمت تبديل ڪرڻ لاءِ اهم موقعو ملي رهيو آهي، توهان کي پاڪستان جي تقدير مَٽائڻي آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٽرمپ جي بيان تي پاڪستان جي سخت احتجاج تي آمريڪي اختيارين جو پاڪستان سان رابطو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيان تي پاڪستان جي سخت رد عمل ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے