19 پیر , نومبر 2018

نيوز: وڳڻ: بجلي جي لوڊشيڊنگ۽سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ڪرڻ خلاف مظاهرو

Wagan: Protect power not to change the transaction of the transactionوڳڻ شهر ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ۽ سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ڪرڻ خلاف شهرين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

گرمي جي ستايل شهرين اعجاز علي وڳڻ، وقار علي منگي، گڊو عباسي ۽ وسيم وڳڻ جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري سيپڪو اختيارين خلاف سخت نعريبازي ڪئي

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شهر ۽ ڀرپاسي جي مختلف علائقن ۾ بنا سبب لوڊشيڊنگ ڪري عوام کي پريشان ڪيو پيو وڃي.

هنن چيو ته شهر جي مختلف علائقن ۾ ڪيترن ئي ڏينهن کان ٽرانسفارمر سڙيل آهن، جن جي مرمت لاءِ ڪيترائي ڀيرا اختيارين کي شڪايت ڏني آهي پر ڪو به نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناهي، جنهن سبب عوام سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي پيو

شهرين جو چوڻ هو ته ڪيترن ئي ڏينهن کان سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ڪرڻ سبب گهرن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ وڌي وئي آهي، جڏهن ته سيپڪو عملدار نئون ٽرانسفارمر لڳائڻ لاءِ ڳري رشوت گهري رهيا آهن

احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي سندن اهنجن کي گهٽايو وڃي……………………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ڳڙهي خيرو: سماجي تنظيم پاران صحافت جي عنوان هيٺ ورڪشاپ ڪرايو ويو

ڳڙھي خيرو ۾ سماجي تنظيم شفاءَ ايسوسيشن ويلفيئر جيڪب آباد پاران ذميوار صحافت جي عنوان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے