18 اتوار , نومبر 2018

ايم ايم اي ئي حقيقي متبادل قوت آهي: سراج الحق

لوئر دير (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته قوم وٽ ڪرپٽ مافيا ۽ عالمي اسٽيبلشمينٽ جي مهرن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جو اهم موقعو آهي، ان کي ضايع نه ڪيو، 25 جولاءِ تي متحدا مجلس عمل کي ووٽ ڏيو. لوئر دير ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته ٻين پارٽين کي عوام آزمائي چڪو آهي، ايم ايم اي ئي حقيقي متبادل قوت آهي، عوام پ پ ۽ ن ليگ کي هڪ يا ٻه نه پر 3-3 ڀيرا موقعو ڏنو، ان باوجود مسئلا ختم ٿيڻ بدران وڌندا ويا، اڄ اها صورتحال آهي جو پاڪستان ڪيترين ئي مسئلن ۾ وڪوڙجي ويو آهي. سندس چوڻ هو ته متحدا مجلس عمل احتساب جي نظام کي بهتر بڻائيندي ته جيئن ڪرپٽ ۽ بي ايمان ماڻهن کي احتساب کان بچڻ جو موقعو نه ملي سگهي، ڦريل قومي ناڻو موٽائي عوام کي تعليم ۽ صحت جي سهولت فراهم ڪنداسين.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ۾ مڇريل ماڻهن جو اينٽي انڪروچمنٽ ٽيم تي حملو، آفيسر ڀڄي جان بچائي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي صدر ايمپريس مارڪيٽ ۾ حددخلين خلاف آپريشن ڪندڙ ٽيم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے