21 بدھ , نومبر 2018

زال سان گڏ وقت گذارڻ خاطر شعيب ملڪ جي موڪل لاءِ درخواست

بلاويو (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي تجربي ڪار آل رائونڊر شعيب ملڪ چيو آهي ته مون کي گهرواري سان وقت گذارڻ لاءِ موڪل گهرجي، آڪٽوبر ۾ پيءُ بڻجي ويندس، تنهن ڪري ثانيا مرزا سان گڏ رهڻ چاهيان ٿو. پنهنجي تازي بيان ۾ شعيب ملڪ جو چوڻ هو ته ايٿليٽ يا ڪرڪيٽر لاءِ پنهنجي گهرڀاتين کي وقت ڏيڻ ڏکيو هوندو آهي، هو سدائين مختلف ملڪن جا دورا ۽ سفر ڪندو رهندو آهي پر هن وقت ائين ڪرڻ دنيا ۾ ايندڙ نئين ٻار لاءِ انصاف نه هوندو. هن چيو ته مان ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان پڻ ان ڪري رٽائرمينٽ ڏني، ڇو ته گهرڀاتين کي وقت ڏيڻ چاهيان ٿو ۽ ان ئي مقصد کي ذهن ۾ رکندي ايندڙ سال عالمي ڪپ کانپوءِ هر قسم جي ڪرڪيٽ ڇڏي ڏيندس.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

قومي  هاڪي ٽيم عالمي ڪپ ۾ شرڪت لاءِ 25 نومبر تي ڀارت روانو ٿيندي

لاهور (ويب ڊيسڪ ) قومي هاڪي ٽيم عالمي ڪپ ۾ شرڪت لاءِ 25 نومبر تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے