15 جمعرات , نومبر 2018

چونڊن دوران ڪنهن به حادثي يا واقعي جي لائيو ڪوريج تي پابندي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان اليڪٽرانڪ ريگيوليٽري اٿارٽي ميڊيا کي هدايت ڪئي آهي ته چونڊن دوران ڪنهن به واقعي يا حادثي جي صورت ۾ لائيو ڪوريج کان پاسو ڪيو وڃي. پيمرا طرفان جاري ڪيل هدايت نامي ۾ چيو ويو آهي ته چونڊن دوران هنگامي صورتحال ۾ ميڊيا ذميواري جو مظاهرو ڪري ۽ عوام کي ووٽ وجهڻ جي طريقي ڪار بابت ڄاڻ فراهم ڪري. ميڊيا کي هدايت ڪئي وئي آهي ته جاري ڪيل قاعدن ۽ ضابطن تي عمل يقيني بڻايو وڃي. واضح رهي ته 25 جولاءِ تي ٿيندڙ چونڊن جي حوالي سان سڄي ملڪ ۾ 20 هزار کان وڌيڪ پولنگ اسٽيشنز کي حساس قرار ڏنو ويو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ روزگار جي فراهمي پهرين ترجيح آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے