17 ہفتہ , نومبر 2018

ريمپ تي واڪ ڪرڻ سولو، فلم ۾ اداڪاري ڪرڻ ڏکيو ڪم آهي: صائمه اظهر

Solitaire on the ramp, it is difficult to act in the movie: Saima Azharلاهور(شوبز نيوز) من موهڻي اداڪارا صائمه اظهر چيو آهي ته ريمپ تي واڪ ۽ ٽي وي ڪمرشل ۾ ماڊلنگ ڪرڻ ته تمام سولو آهي پر فلم ۾ اداڪاري ڪرڻ تمام گهڻو مشڪل ڪم آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي صائمه اظهر چيو ته هن پنهنجي فني سفر جي شروعات فيشن انڊسٽري کان ڪئي. انڪري مان اها ڳالهه سمجهي سگهان ٿي ته ريمپ تي واڪ ۽ ٽي وي ڪمرشل ۾ ماڊلنگ ڪرڻ ته تمام سولو ڪم آهي، پر فلمن ۾ اداڪاري ڪرڻ تمام گهڻو مشڪل ڪم آهي. ڪيمرا جي اک ۾ اک وجهي ڳالهائڻ سڀني جي وس جي ڳالهه ناهي. هي ڪم جيترو مشڪل آهي، ايترو ئي دلچسپ پڻ آهي.صائمه اظهر چيو ته هڪ وقت هو جڏهن خوبصورت لباس، قميتي زيورن ۽ لانگ هيل سان ريمپ تي واڪ ڪندي ڀو ٿيندو هو ۽ ان لاءِ تمام گهڻي تياري ڪئي ويندي هئي. پوءِ ٽي وي ڪمرشل جو دور شروع ٿيو ۽ اهو مرحلو به تمام گهڻو مشڪل هو پر سخت محنت ۽ اڳتي وڌڻ جي جذبي انهن سمورين پريشانين کان بچايو ۽ اڄ مان فلم۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهي آهيان. اداڪارا وڌيڪ چيو ته جيستائين هو ان شعبي ۾ نه آئي هئي تيستائين اهو محسوس ٿيندو هو ته اهو سڀ کان سولو ڪم آهي ۽ اهو ڪم ڪرڻ لاءِ ڪجهه خاص محنت ڪرڻ جي ضروت ناهي. پر ڪم ڪرڻ بعد خبر پئي ته هي سڀ کان مشڪل ۽ ڏکيو ڪم آهي. هي پري کان جيترو سولو نظر ايندو آهي، ايتروئي ڏکيو آهي. هڪ ڪردار کي نڀائڻ ۽ ان کي پنهنجي مٿان حاوي ڪرڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي. انڪري هاڻ مونکي پنهنجن ڪردارن ۾ حقيقت جو رنگ ڀرڻ لاءِ سخت محنت ڪرڻي پوي ٿي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Deepika Padukone’s engagement ring is as lavish as her wedding. See pics

رنوير طرفان پنهنجي ڪنوار دپيڪا کي ڏنل پهرين تحفي جا چرچا

ممبئي ( شوبز نيوز ) رنوير سنگهه پنهنجي ڪنوار دپيڪا پڊڪون کي قيمتي منڊيءَ جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے