14 بدھ , نومبر 2018

ڀارتي ٽيم ٻڏتر جو شڪار، ايشيا ڪپ تي غير يقيني جا ڪڪر ڇانيل

The Indian team scored a knockout on the cricket hunt, Asia Cupڪراچي(اسپورٽس نيوز) گڏيل عرب امارتن ۾ سپٽمبر ۾ رٿيل ايشيا ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامانٽ  ۾ شرڪت ڪرڻ جي حوالي سان ڀارتي ٽيم ٻڏتر جو شڪار آهي، جڏهن ته ٽورنامنٽ تي پڻ غير يقيني واري صورتحال ڇانيل آهي.ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ٽورنامنٽ ۾ شرڪت ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو فيصلو ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ڪندو. ايشين ڪرڪيٽ ڪونسل جي هڪ اعليٰ آفيسر جو چوڻ آهي ته اڃان تائين ايونٽ ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ناهي ٿيو. جڏهن کائنس سوال ڪيو ويو ته اڃان تائين ايونٽ جي شيڊول جو اعلان ڇو ناهي ڪيو ويو جنهن جي جواب ۾ هن چيو ته شيڊول جو اعلان هلندڙ هفتي ڪيو ويندو. ايشين ڪرڪيٽ ڪونسل دبئي ۽ ابوظهبي ۾ 15 کان 28 سپٽمبر تائين ايشيا ڪپ ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي، ٽيمون 13 سپٽمبر  کان پهچڻ شروع ٿينديون . ايونٽ جي ميزباني ڀارت کي ملي هئي پر ڀارت پاڪستان جي موجودگي ۾ ٽورنامنٽ پنهنجي ملڪ ۾ ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. ايشين ڪرڪيٽ ڪونسل نجم سيٺي جي صدارت ۾ ٽورنامنٽ ڀارت کان گڏيل عرب امارتن ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو هو.ميڊيا جي رپورٽن موجب ڀارت جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن اهو ايونٽ سريلنڪا يا بنگلاديش ۾ ڪرايو وڃي ها ته انهن ملڪن ۾ تمام گهٽ خرچ اچي ها. ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب پهرين کان ٽئين آڪٽوبر تائين پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ آءِ سي سي جي تڪرارن جي حل واري ڪميٽي ۾ ڏنڊ جو ڪيس داخل ڪيو آهي.ان جي ٻڌڻي دبئي ۾ ٿيندي انڪري ڀارت جو موقف آهي ته دبئي ۾ ٻڌڻي کان ڪجهه ڏينهن اڳ پاڪستان سان ايشيا ڪپ جي ميچون کيڏڻ سان ڀارت جو ڪيس ڪمزور ٿي ويندو انڪري بورڊ ايونٽ ۾ شرڪت کان پاسو ڪري رهيو آهي. ايشين ڪرڪيٽ ڪونسل جو صدر نجم سيٺي ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري کين ايشين ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ ۾ شرڪت لاءِ راضي ڪندو جڏهن ته ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ايونٽ ۾ ڀارت جي شرڪت شڪي آهي جڏهن ته ان حوالي سان اڃان تائين ڪو به بيان جار ي ناهي ڪيوويو. ياد رهي ته ماضي ۾ پڻ ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي شرڪت کانسواءِ ايشيا ڪپ ٿي چڪو آهي، هن ايونٽ ۾ پاڪستان، ڀارت، سريلنڪا، بنگلاديش، افغانستان ۽ ٻيون ٽيمون شرڪت ڪنديون. واضح رهي ته ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سان مئي سال 2014 ۾ مفاهمت جي يادداشت نامي تي صحيحيون ڪيون هيون جنهن موجب سال 2015 کان 2023 تائين پاڪستان سان ڇهه ٽيسٽ سريز کيڏڻ تي راضپو ڏيکاريو هو. جن مان چئن جي ميزباني پاڪستان کي ڪرڻي هئي پر هنن پاڪستان سان اڃان تائين هڪ به سريز ناهي کيڏي جنهن تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ کي نوٽيس اُماڻيو هو. هاڻ اهو ڪيس آءِ سي سي جي تڪرارن جي حل واري ڪميٽيءَ وٽ آهي. ان حوالي سان پي سي بي جو چوڻ آهي ته ڀارت طرفان مفاهمت جي يادداشت نامي جي ڀڃڪڙي تي راندين واري عالمي عدالت سان انڪري رابطو ناهي ڪيو ڇو ته جڏهن آءِ سي سي جو طريقڪار موجود آهي ۽ اتي هڪ ڪميٽي تڪرارن جي حل لاءِ ڪم ڪري ٿي ته ڪنهن ٽئين عدالت ۾ وڃڻ جو ڪو به جواز ناهي. پاڪستان جو چوڻ آهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ لنڊن ۾ برطانيا جي ليگل فرم تان پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي اختيارين ملاقات ڪئي ۽ ڪيس تي بريفنگ ورتي. نجم سيٺي جو چوڻ آهي ته اسان جو ڪيس مضبوط آهي. آءِ سي سي جنهن نئين فيوچر ٽور پروگرام جو اعلان ڪيو آهي ان ايندڙ پنجن سالن دوران پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ٻه طرفا سريز شيڊول ناهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آئي سي سي ون ڊي رينڪنگ: پاڪستان  پنجين نمبر تي اچي ويو

دبئي(اسپورٽس نيوز)آئي سي سي جي ون ڊي رينڪنگ ۾ انگلينڊ جي ٽيم پهرين ۽ پاڪستان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے