17 ہفتہ , نومبر 2018

صاف پاڻي ڪرپشن ڪيس: ڪمپنين ۾ ڊيپوٽيشن تي ويندڙ آفيسرن جا تفصيل نيب کي ڏيڻ جو حڪم

لاهور (ويب ڊيسڪ) صاف پاڻي سميت ٻين ڪمپنين ۾ ڪرپشن بابت پاڻمرادي ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ڪمپنين ۽ مختلف منصوبن لاءِ ڊيپوٽيشن جي ويندڙ آفيسرن جا سمورا تفصيل نيب کي فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ صاف پاڻي سميت ٻين ڪمپنين ۾ ڪرپشن بابت پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. نيب طرفان تفصيلي انڪوائري رپورٽ پيش نه ڪرڻ ۽ سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جي نيب سان عدم سهڪار تي چيف جسٽس سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. چيف جسٽس هدايت ڪئي ته نيب چيئرمين کي عدالتي ڳڻتي بابت آگاهه ڪيو، ان ڪيس ۾ نيب جي ڪارڪردگي مايوس ڪندڙ آهي. عدالت ڪمپنين ۽ مختلف منصوبن لاءِ ڊيپوٽيشن تي ويندڙ آفيسرن جا سمورا تفصيل نيب کي فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو. چيف جسٽس چيو ته عدالتي حڪمن تي عمل نه ڪرڻ جي صورت ۾ وفاقي سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ذاتي حيثيت ۾ عدالت ۾ پيش ٿئي. جسٽس ثاقب نثار پڇاڻو ڪيو ته سي اي اوز ۽ آفيسرن جي اثاثن جي انڪوائري بابت ڇا ٿيو؟ جنهن تي نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي آگاهه ڪيو ته ڇهن سي اي اوز جي اثاثن بابت انڪوائري مڪمل ڪئي وئي آهي، پنجاب طرفان 22 جولاءِ تي آفيسرن جي فهرست وصول ٿي، جنهن سبب انڪوائري ۾ دير ٿي. نيب پراسيڪيوٽر وڌيڪ ٻڌايو ته وفاقي سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جي عدم سهڪار سبب ٻين آفيسرن جي انڪوائري نه ٿي سگهي.  چيف جسٽس سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار کي فوري طور تي چيف سيڪريٽري پنجاب ۽ سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ ڊويزن کي عدالتي فيصلي بابت آگاهه ڪرڻ جي هدايت ڏني. ٻڌڻي طوران چيف جسٽس صاف پاڻي ڪمپني جي سي اي او ڪيپٽن (ر) عثمان کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان جون جيڪي سفارشون اچي رهيون آهن، اهي مون لاءِ معنيٰ نه ٿيون رکن، وڌيڪ پگهارون وٺندڙ پئسا گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏين، اهو ڊيم ٺاهڻ لاءِ ڪم ايندو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

Quaidabad blast: case registered against unknown suspects

ڪراچي: قائد آباد ڌماڪي جو ڪيس پوليس جي فرياد تي سي ٽي ڊي ٿاڻي تي داخل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) قائد آباد ۾ ڌماڪي جو ڪيس پوليس جي فرياد تي سي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے