17 ہفتہ , نومبر 2018

لاهور جي نالي مان هٿ آيل سمورا سڃاڻپ ڪارڊ مدي خارج آهن: نادرا

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور ۾ اين اي 125 شفيق آباد جي هڪ نالي مان وڏي انگ ۾ هٿ آيل سڃاڻپ ڪارڊن کي نادرا مدي خارج قرار ڏنو آهي. نالي ۾ سڃاڻپ ڪارڊن سان ڀريل ٿيلهي جي نشاندهي اتي کيڏندڙ ٻارن ڪئي، جنهن کانپوءِ پوليس کي اطلاع ڏنو ويو. ڪارروائي کانپوءِ پوليس سڃاڻپ ڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيا. هاڻ نادرا طرفان تصديق ڪئي وئي آهي ته سمورا سڃاڻپ ڪارڊ مدي خارج ۽ 2010ع کان اڳ جا آهن. نادرا ترجمان موجب ڪارڊ مدو پورو ٿيڻ سبب رد ٿي چڪا آهن، سمورن سڃاڻپ ڪارڊن جي جاءِ تي نوان ڪارڊ جاري ٿي چڪا آهن، لاهور مان هٿ آيل اهي ڪارڊ 2018ع جي چونڊن ۾ استعمال جوڳا ناهن.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

سپريم ڪورٽ جو ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے