20 منگل , نومبر 2018

پابندي باوجود ووٽرن لاءِ وڏي پئماني تي پبلڪ ٽرانسپورٽ جي بڪنگ

لاهور (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن جي پابندي باوجود اميدوارن ووٽرن کي گهرن کان پولنگ اسٽيشنز تائين آڻڻ لاءِ وڏي پئماني تي پبلڪ ٽرانسپورٽ جي بڪنگ ڪرائي ڇڏي آهي. اليڪشن ڪميشن پولنگ ڏينهن ووٽرن کي پولنگ اسٽيشن تائين آڻڻ لاءِ ٽرانسپورٽ جي بڪنگ تي پابندي لاڳو ڪئي آهي پر ان باوجود اميدوارن طرفان ٽرانسپورٽ جي بڪنگ ڪرائي وئي آهي، شهري تڪن ۾ پولنگ اسٽيشن تائين پنڌ وڃڻ ۾ سولائي هوندي آهي پر ٻهراڙين ۾ پولنگ اسٽيشنون گهڻي فاصلي تي ٺاهيون وينديون آهن، جنهن سبب ووٽرن جو اتي پهچڻ ڏکيو هوندو آهي، اهو ئي سبب آهي جو اميدوار ووٽرن کي گهرن کان پولنگ اسٽيشنن تائين آڻڻ لاءِ ٽرانسپورٽ جو استعمال ڪندا آهن. اليڪشن ڪميشن جي پابندي سبب ووٽر پولنگ اسٽيشنز کان پري لهندا، جڏهن ته برسات پوڻ جي صورت ۾ ووٽرن جو گهرن کان نڪرڻ وڌيڪ ڏکيو ٿي پوندو، تنهن ڪري اميدوارن ووٽرن لاءِ ٽرانسپورٽ جي بڪنگ ڪرائي ڇڏي آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

پي ايس ايل 4 ڊرافٽنگ: لاهور قلندر اي بي ڊي ويليئرز، محمد حفيظ کي چونڊي ورتو

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز ) پاڪستان سپر ليگ جي چوٿين ايڊيشن لاءِ رانديگرن جي ڊرافٽنگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے