21 بدھ , نومبر 2018

چونڊ 2018: انتظار ختم، نون عوامي نمائندن جي چونڊ اڄ ٿيندي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ ۾ اڄ عام چونڊون ٿي رهيون آهن، ووٽر پولنگ اسٽيشنز تي صبح اٺين وڳي کان شام ڇهين وڳي تائين پنهنجي راءِ جو حق استعمال ڪري سگهندا. 10 ڪروڙ 59 لک 55 هزار 409 ووٽر ايندڙ 5 سالن لاءِ قومي اسيمبلي جي 270 ۽ چئني صوبائي اسيمبلين لاءِ پنهنجن نمائندن جي چونڊ ڪندا، ڪل 3 هزار 675 اميدوار قومي اسيمبلي، جڏهن ته 8 هزار 895 اميدوار صوبائي اسيمبلين جي چونڊن ۾ ميدان تي لٿل آهن. اڄ سڄي ملڪ ۾ عام موڪل آهي. پولنگ اسٽيشن اندر ۽ ٻاهر پاڪ فوج جا 2- 2 جوان مقرر هوندا. ڪل 85 هزار کان وڌيڪ پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن، جن مان 17 هزار کان وڌيڪ پولنگ اسٽيشنون انتهائي حساس قرار ڏنيون ويون آهن، انهن مان اسلام آباد ۽ پنجاب مان 5487، سنڌ 5878، فاٽا، خيبر پختونخواهه 3874، جڏهن ته بلوچستان ۾ 1768 پولنگ اسٽيشنون شامل آهن. سڄي ملڪ ۾ عورت ووٽرن جو انگ 4 ڪروڙ 67 لک 31 هزار 146، مرد ووٽرن جو انگ 5 ڪروڙ 92 لک 24 هزار 263 آهي، پنجاب ۾ ووٽرن جو ڪل انگ 6 ڪروڙ 6 لک 72 هزار 870، سنڌ 2 ڪروڙ 23 لک 91 هزار 244، خيبر پختونخواه هڪ ڪروڙ 53 لک 16 هزار 299 آهي. بلوچستان ۾ 42 لک 99 هزار 494، فاٽا 25 لک 10154، جڏهن ته اسلام آباد 7 لک 65348 آهي. 3.5 لک فوجي جوانن کان سواءِ اٽڪل 4.5 لک سول آرمڊ فورسز جا اهلڪار چونڊن دوران امن امان برقرار رکڻ خدمتون سرانجام ڏيندا. ڪل 7 لک جي لڳ ڀڳ پولنگ عملو پنهنجو فرض ادا ڪندو. ميڊيا کي پابند ڪيو ويو آهي ته پولنگ ختم ٿيڻ کان هڪ ڪلاڪ پوءِ 7 وڳي تائين ڪو نتيجو جاري نه ڪيو وڃي. پرزائيڊنگ آفيسر آر ٽي ايس سسٽم تحت فوري طور تي پولنگ اسٽيشن جو نتيجو اليڪشن ڪميشن ۽ رٽرننگ آفيسرن ڏانهن موڪلڻ جا پابند هوندا. اليڪشن ايڪٽ 2017ع تحت سڀني سياسي پارٽين کي 5 سيڪڙو ٽڪيٽون جنرل سيٽن تي عورتن کي ڏيڻ جو پابند بڻايو ويو هو جنهن کانپوءِ قومي اسيمبليءَ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي 43، تحريڪ انصاف 42، پاڪستان مسلم (ن) 37، متحده مجلس عمل 33، ايم ڪيو ايم پاڪستان 6، گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس 8 ۽ عوامي نيشنل پارٽي 14 عورت اميدوارن کي ٽڪيٽون جاري ڪيون آهن. پنجاب اسيمبليءَ لاءِ 4242، سنڌ اسيمبلي 2382، خيبر پختونخواه 126ه4، بلوچستان اسيمبليءَ لاءِ 1700 اميداوار ميدان ۾ آهن. پنجاب جي قومي اسيمبليءَ جي 141 سيٽن تي 1696، سنڌ جي 61 سيٽن تي 872، ڪي پي ڪي ۽ فاٽا جي 51 سيٽن تي 760، جڏهن ته بلوچستان مان قومي اسيمبليءَ جي 16 سيٽن تي 303 اميدوارن ۾ مقابلو ٿيندو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان طرفان ڪشميري اڳواڻ حفيظ الله مير جي شهادت تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي آفيس تحريڪ حريت ڄمون ۽ ڪشمير جي سينيئر اڳواڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے