22 جمعرات , نومبر 2018

عام چونڊون – 2018

اڄ ملڪ اندر قومي ۽ قوبائي اسيمبليءَ جون چونڊون ٿي رهيون آهن، هي چونڊون ملڪ اندر مجموعي طور 13هيون چونڊون آهن، ان کان اڳ مختلف طريقيڪار تحت 1954ع، 1962ع، 1977ع، 1985ع، 1988ع، 1990ع، 1993ع، 1997،  2002ع، 2008ع ۽ 2013ع ۾ عام چونڊون ٿيون آهن.

1970ع وارين چونڊن ۾ اوڀر پاڪستان ۾ عوامي ليگ جي اڪثريت سان ڪامياب ٿيڻ باوجود اقتدار ان حوالي نه ٿيڻ جي ڪري هي ملڪ ٽٽي ويو هو. ان کان پوءِ 1977ع ۾ جيڪي چونڊون ٿيون، تن ۾ پاڪستان قومي اتحاد (پي اين اي) جي احتجاج ۽ پرتشدد واقعن جو جواز ڄاڻائي ملڪ ۾ مارشل لا لڳائي وئي، ضياءَ الحق واري انهيءَ آمريتي دور ۾ ئي پاڪستان جي پهرين چونڊيل وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽي کي 5 جولاءِ 1977ع تي سوليءَ چاڙهيو ويو هو، ضيائي مارشل لا ۾ جتي ميڊيا سخت سينسرشپ هيٺ رهي اتي بنيادي انساني حق ۽ آئين معطل رهيو ۽ سياسي جماعتون به پابندي هيٺ رهيون.

جنرل ضياءَ الحق جي ئي اڳواڻيءَ ۾ 1985ع ۾ عام چونڊون ٿيون، جيڪي غيرجماعتي چونڊون هيون، جن  جو مقصد سياسي جماعتن ۽ انهن جي نمائندن کي اسيمبلين ۾ اچڻ کان روڪڻ هو. آخرڪار جهاز حادثي ۾ ضياءَ الحق جي فوت ٿيڻ کان پوءِ 1988ع ۾ عام چونڊون ٿيون، جيڪي به جيئن ته آمريت جي ڊگهي ڪاري رات کان پوءِ ٿي رهيون هيون، تنهن ڪري انهن چونڊن تي آمريت جا پاڇا جيئن جو تيئن برقرار هئا، انهن چونڊن ۾ جيتوڻيڪ پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت قائم ٿي ۽ محترم بينظير ڀٽو وزيراعظم ٿي پر 1988ع کان پوءِ وارو جيڪو سياسي دور هو، سو سخت ڇڪتاڻ وارو دور رهيو ۽ نظام جي تڏا ويڙهه پٺيان اصل طاقتور ڌريون جيئن ته ڪم ڪنديون رهيون، جنهن جي ڪري 1990ع وارو جمهوري دور انتهائي بحران جو دور رهيو ۽ 1988ع کان پوءِ پ پ ۽ نواز ليگ جي سياسي ٽڪراءَ سبب جنهن جي به حڪومت قائم پئي ٿئي، سا بحران جي ور چڙهيل ٿي رهي ۽ مدو پورو ٿيڻ کان اڳ ئي ختم ٿيندي رهي. ايئن ان بحراني سياسي صورتحال ۾ 12 آڪٽوبر 1999ع تي جنرل مشرف چونڊيل حڪومت تي راتاهو هنيو ۽ اقتدار تي قبضو ڪري ويهي رهيو، هن جو پورو زور به روايتي آمرن وانگر سياسي جماعتن، خاص ڪري عوامي مقبوليت رکندڙ سياسي جماعتن جي رستا روڪ تي ئي رهيو. جنرل مشرف جي قيادت ۾ 2002ع ۾ جيڪي عام چونڊون ٿيون، تن جي ساک سواليا نشان بڻيل رهي، مشرف دور خلاف سياسي جماعتن جي جدوجهد کان پوءِ ڊسمبر 2007ع ۾ جيڪي عام چونڊون ٿيڻيون هيون تن جي دوران راولپنڊي جي لياقت باغ ۾ هڪ خودڪش حملي ۾ محترمه بينظير ڀٽو جي شهيد ٿيڻ جي نتيجي ۾ چونڊون ملتوي ٿيون ۽ ڊسمبر بدران 18 فيبروري 2008ع ۾ ٿيون.

سو چوڻ جو مطلب ته پاڪستان جي تاريخ ۾ فيبروري 2008ع ۾ ٿيل عام چونڊون، گذريل ڏهن سالن کان پاڪستان ۾ ڪمزور ئي سهي جيڪو جمهوري نظام قائم آهي ۽ هلي رهيو آهي تنهن جو بنياد هيون. 2008ع ۾ جيڪا حڪومت عوام جي ووٽن جي نتيجي ۾ قائم ٿي، تنهن پنهنجو آئيني مدو لاهن چاڙهن ۽ بحرانن باوجود 2013ع ۾ مڪمل ڪيو ۽ ايئن پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو اقتدار هڪ چونڊيل حڪومت کان ٻي چونڊيل حڪومت کي پر امن نموني منتقل ٿيو.

ايئن 2013ع ۾ جيڪا چونڊيل حڪومت قائم ٿي، سا به بحرانن ۽ لاهن چاڙهن جي ور چڙهيل رهي پر تنهن باوجود ان ئي 2018ع ۾ پنهنجو آئيني مدو پورو ڪيو ۽ ان جي آئيني مدو پورو ٿيڻ کان پوءِ اڄ سڄي ملڪ اندر عام چونڊون ٿي رهيون آهن. اڄ جي چونڊن جي نتيجي ۾ جيڪا به جماعت اڪثريت حاصل ڪندي سا حڪومت ٺاهيندي ۽ ايئن پاڪستان ۾ ٻي چونڊيل حڪومت کان اقتدار ٽين چونڊيل سرڪار کي پرامن نموني منتقل ٿيندو، جيڪو هڪ تاريخي واقعو هوندو.

اڄ قومي اسيمبليءَ جي 272 جنرل سيٽن ۽ 577 صوبائي سيٽن تي چونڊ ٿي رهي آهي، قومي اسيمبليءَ ۾ 272 عام سيٽن تي چونڊ ٿي رهي آهي، جڏهن ته انهن جي تناسب جي حساب سان 70  سيٽون عورتن ۽ اقليتن لاءِ مخصوص آهن، ايئن قومي اسيمبليءَ جو ايوان مجموعي طور 342 ميمبرن تي مشتمل هوندو. قومي اسيمبليءَ جي عام سيٽن تي 3 هزار 549 اميدوار ميدان ۾ آهن ۽ صوبائي اسيمبليءَ جي 577 سيٽن تي ملڪ اندر 8 هزار 3 سئو 96 اميدوار ميدان ۾ آهن.

پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ جتي سياسي ۽ جمهوري نظام هميشه لوڏن ۾ رهيو هو، اتي ٽيون ڀيرو لاڳيتو عام چونڊن جو ٿيڻ يا هڪ ٻئي پٺيان ٻن چونڊيل حڪومتن جو آئيني مدو پورو ڪري ٽين عام چونڊن ۾ داخل ٿيڻ ڪنهن معجزي کان گهٽ ناهي. جمهوريت جو مطلب ئي جيئن ته عام ماڻهوءَ جي حڪمراني آهي، عوامي راڄ آهي، تنهن ڪري جيترو جمهوريت مضبوط اوترو فيصلي سازيءَ ۾ عوام جي شرڪت وڌندي، عوام جو آواز مضبوط ٿيندو، فيصلي سازيءَ ۾ عوام جي شرڪت سان عوام پنهنجي تقدير جا فيصلا پاڻ ڪري سگهندو، سو اڄوڪيون چونڊون پاڪستان ۾ جمهوريت جي مضبوطيءَ ڏانهن هڪ وک اڳتي، ثابت ٿينديون، تنهن ڪري ماڻهن کي وڏي تعداد ۾ گهران نڪري جنهن کي به بهتر سمجهن تنهن کي ووٽ ڏيڻ گهرجي.

ڪير به ڪنهن تي پنهنجي راءِ يا پروگرام ٿاڦي نه ٿو سگهي، عوام پنهنجي پسند جي جماعت ۽ پنهنجي پسند جي اميدوار کي ووت ڏيڻ ۾ آزاد هئڻ گهرجي، سنڌ ۾ جيئن ته مسئلن جا انبار آهن، ان کان علاوه سياسي ۽ جمهوري ڌرين جي جيڪا رستا روڪ ٿئي پئي يا ٿيندي رهي آهي سا به سڀني جي سامهون آهي.

سو اڄ عوام کي جمهوريت جي مضبوطي، عوامي راڄ جون هن سماج ۾ پاڙون پختون ڪرڻ لاءِ گهران نڪري ان ڪري به ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ گهرجي ته جيئن پنهنجي چونڊيل نمائندن ذريعي پنهنجي قسمت جي فيصلن ۾ پاڻ شريڪ ٿي سگهي. سنڌ جي ماڻهن کي نمائندن جي ڪردار ۽ سندن جماعتن جي ڪردار ۽ ڪارڪردگي ۽ ايندڙ ادارن کي نظر ۾ رکي پنهنجي ووٽ جو درست استعمال ڪرڻ گهرجي. ووٽ جي درست استعمال سان سماج به تبديل ڪري سگهجي ٿو ته انقلاب به آڻي ٿو سگهي.

اربع 25 جولاءِ 2018ع، 11 ذوالقعد 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

سمنڊ ۾ غرق ٿيندڙ سنڌ ۽ سرڪار جو اعتراف

گذريل چئن ڏهاڪن کان سنڌوءَ ۾ پاڻيءَ جي شديد کوٽ هجڻ ڪري سنڌ گهڻ طرفي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے