20 منگل , نومبر 2018

شبير علي بجاراڻي عام چونڊن کان اڳ بنامقابلي ڪامياب ٿيندڙ اڪيلو اميدوار

Shabir Ali Bijarani, a single candidate who succeeded in becoming a member before the general electionاسلام آباد(ويب ڊيسڪ)اڄ ٿيندڙ عام چونڊن ۾ هڪ اميدوار اهڙو به آهي جيڪو چونڊن کان اڳ ئي ڪامياب ٿي چڪو آهي. سنڌ اسمبلي جي تڪ پي ايس 6 تان مير شبير علي بجاراڻي اڳواٽ ئي بنامقابلي چونڊجي چڪو آهي. سڄي ملڪ مان  چونڊن کان اڳ بنامقابلي ڪامياب ٿيندڙ هو اڪيلو اميدوار آهي. پي ايس 6 ڪشمور تان پيپلز پارٽي جو اميدوار مير شبير بجاراڻي بنامقابلي صوبائي اسمبلي جو ميمبر چونڊجي چڪو آهي. ڇو ته ان تڪ ۾ سندس مقابلي ۾ رڳو هڪ اميدوار نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا هئا جڏهن ته ريٽرننگ آفيسر ان جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪري ڇڏيا هئا. ان حوالي سان ريٽرننگ آفيسر مير شبير علي بجاراڻي جي ڪاميابي جو پبلڪ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن موجب پي ايس 6 جي اميدوار مير شبير علي بجاراڻي کي ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي، اليڪشن ڪميشن جي ترجمان موجب اميدوارن جي نامزدگي ڪاغذن جي واپسي تي جيڪڏهن رڳو هڪ اميدوار  اميدوار وڃي بچي ته ڪاميابي جو پبلڪ نوٽيس جاري ڪيو ويندو آهي. ترجمان موجب اميدوارن جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن 25 جولائي تي پولنگ بعد جاري ڪيو ويندو. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته مير شبير علي بجاراڻي پهريان پيپلز پارٽي کان ڌار ٿي گرينڊ ڊيموڪريٽڪس الائنس ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو هو پر بعد ۾ اسلام آباد ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان ٿيل ملاقات ۾ معاملا طئي ٿيڻ بعد هن پيپلز پارٽي ۾ واپسي جو اعلان ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف العزيزيه ريفرنس ۾ دفاع پيش ڪرڻ يا نه ڪرڻ بابت فيصلو نه ڪري سگهيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف العزيزيه ريفرنس ۾ دفاع پيش …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے