10 پیر , دسمبر 2018

رپورٽ: سموري ملڪ ۾اڄ عام چونڊون، سنڌ ۾ڪيترائي نوان چهرا ميدان تي لٿل، مقابلو سخت

Karachi: Election on height, activities by different leaders and workersملڪي تاريخ ۾ٻن جمهوري حڪومتن جا دور پورا ٿيڻ بعد ٽيون ڀيرو عوامي نمائندا چونڊڻ لاءِ اڄ عام چونڊون ٿي رهيون آهن.

گذريل چونڊن جي ڀيٽ ۾هن ڀيري چونڊ عمل ۾ڀرپور عوامي دلچسي ۽ اليڪشن بابت سجاڳي نظر اچي رهي آهي ۽ گهڻي ڀاڱي سمورن تڪن مقابلي واري صورتحال آهي.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو ڪراچي جي تڪ اين اي 246 تان ن ليگ جي سليم ضيا، پي ٽي آءِ جي عبدالشڪور  جڏهن ته لاڙڪاڻي جي تڪ اين اي 200 تان راشد محمود سومري سان مقابلو ٿي رهيو آهي.

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جو ڪراچي جي تڪ اين اي 243 تان پ پ اميدوار شهلا رضا سان مقابلو ٿيندو.

ڪراچي جي قومي تڪ اين اي 249 تان شهباز شريف پڻ چونڊ وڙهي رهيو آهي، سندس مقابلو پ پ جي قادر خان منڊو خيل ۽ پي ٽي آءِ جي فيصل واڊا سان آهي.

ڪراچي جي قومي تڪ اين اي 247 تي ڊاڪٽر فاروق ستار، پرويز مشرف، مصطفيٰ ڪمال، عبدالعزيز ميمڻ ۽ جبران ناصر ۾مقابلو ٿي رهيو آهي.

ضلعي اوڀر ڪراچي جي قومي تڪ 242 تي پ پ جي اقبال ساند سان ايس يو پي جي بيدل مسرور، ايم ڪيو ايم جي ڪشور زهرا ۽ ايم ايم اي جي مولانا اسد الله ڀٽو جو مقابلو ٿي رهيو آهي. جڏهن ته صوبائي تڪ 100 سئو تي پ پ جي تاج وساڻ سان محبوب عباسي ۽ سيد خليل شاهه سميت ٻيا مقابلو ڪري رهيا آهن.

حيدرآباد جي صوبائي تڪ پي ايس 62 تي پ پ جي ڄام خان شوري سان اياز لطيف پليجو مقابلو ڪري رهيو آهي.

نوابشاهه جي قومي تڪ اين اي 213 تي پ پ ڪو چيئرمين آصف علي زرداري سان ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي، جي ڊي اي جو شير محمد رند، پي ٽي آءِ جو فاروق احمد چانديو ۽ ايم ڪيو ايم جو رئوف صديقي مقابلو ڪري رهيا آهن.

جڏهن ته ساڳي ضلعي جي ٻئي قومي تڪ اين اي 214 تي پ پ جي سيد غلام مصطفي شاهه سان ايس يو پي جو سيد زين شاهه، پي ٽي آءِ جو گل محمد رند ۽ ن ليگ جو مختيار ڌاريجو مقابلو ڪري رهيا آهن.

ڄامشوري جي قومي تڪ اين اي 233 تي پ پ جي سڪندر علي راهپوٽي سان ايس يو پي سربراهه سيد جلال محمود شاهه، ن ليگ جو کيئل داس ۽ ايم ايم اي جو شهمير گوپانگ مقابلو ڪري رهيا آهن.

لاڙڪاڻي جي صوبائي تڪ پي ايس 10 تي پ پ جي فريال ٽالپر سان پي ٽي آءِ اميدوار امير بخش ڀٽو مقابلو ڪري رهيو آهي.

اهڙي طرح پي ايس 21 تي پ پ جي باري پتافي، جي ڊي اي جي علي گوهر مهر ۽ ايس ٽي پي جي ڄام فتاح سميجي ۾مقابلو ٿي رهيو آهي.

اڳوڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سامهون سيد جلال محمود شاهه، برهان چانڊيو سان سينگار نوناري، حزب الله ٻگهيو سان لياقت ميراڻي، عاصمه ابڙو ۽ شفقت انڙ چونڊ وڙهي رهيا آهن.

پي ايس 52 تي پ پ جو سيد علي مردان شاهه ۽ جي ڊي اي جو ارباب غلام رحيم چونڊ وڙهي رهيا آهن.

اين اي 220 عمرڪوٽ تي پ پ جي نواب يوسف ٽالپر سان پي ٽي آءِ جو شاهه محمود قريشي مقابلو ڪري رهيو آهي.

خيرپور جي قومي تڪ اين اي 208 تي پ پ جي نفيسا شاهه سان اڳوڻو وڏو وزير سيد غوث علي شاهه جڏهن ته صوبائي تڪ 26 تي پ پ اميدوار ۽ اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سان جي ڊي اي جي لالا غفار شيخ جو مقابلو آهي.

بدين جي قومي تڪ اين اي 229 تي پ پ جي مير غلام علي سان ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چونڊ وڙهي ورهيو آهي جڏهن ته اين اي 230 تي پ پ جي رسول بخش چانڊيي سان ڊاڪٽر فهميدا مرزا جو مقابلو ٿيندو.

ٺل مان فيروزا لاشاري، شهدادڪوٽ مان بئريسٽر اختر جبار، گهوٽڪي مان لال بخش گهوٽو ۽ وارهه مان فيض بروهي سميت مختلف تڪن تان ڪيترائي نوان چهرا چونڊ وڙهي رهيا آهن.

2018 جي چونڊن ۾تقريبن سمورن تڪن تي مقابلي واري صورتحال آهي ۽ سمورا اميدوار ننهن چوٽي جو زور لڳائي رهيا آهن هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته عوام ڪنهن کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪري ٿو……

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڪراچي: وائيس فار مسنگ پرسنس سنڌ پاران ملير کان ٻن ڏينهن وارو مارچ شروع، رستا روڪ

انساني حقن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي وارثن طرفان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے