13 منگل , نومبر 2018

ڏهرڪي: ٻن قومي ۽ چئن صوبائي اسيمبلي سيٽن تي سخت مقابلو

Dharki: Strong competition on both national and four provincial seatsڏهرڪي(ويب ڊيسڪ)ڏهرڪي سميت گهوٽڪي ضلعي جي  ٻن قومي ۽ چئن صوبائي اسيمبلي سيٽن تي پ پ ، پي ٽي آءِ، ايم ايم اي ۽ جي ڊي اي اميدوارن جي وچ ۾ سخت مقابلن جو امڪان آهي  اين اي 204 تي پيپلز پارٽي طرفان خالد احمد لنڊ ۽ آزاد اميدوار ميان عبدالحق عرف ميان مٺو جي وچ ۾ مقابلو آهي. گهوٽڪي ضلعي جي صوبائي تڪ 19 ڏهرڪي، ميرپورماٿيلي تي پ پ طرفان عبدالباري پتافي جڏهن ته ساڳي تڪ تي سندس ڀاءَ هالار پتافي ۽ جي ڊي اي طرفان علي گوهر مهر ۽ ڄام عبدالفتاح سميجو اميدوار آهن.پي ايس 20 خانڳڙهه تي علي نواز مهر  بيٺل آهي جڏهن ته جي ڊي اي طرفان علي گوهر مهر ۽ ايم ايم اي طرفان مولانا اسحاق لغاري اميدوار آهن. اين اي 205  تي پيپلز پارٽي اميدوار مير احسان سندراڻي جو مقابلو  آزاد اميدوار علي محمد مهر سان   آهي .

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسڪول فيسن ۾ واڌ، ڊي جي پرائيويٽ اسڪول سميت 4 اسڪولن کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اسڪول فيسن ۾ 5 سيڪڙو کان وڌيڪ واڌ واري معاملي تي سنڌ هاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے