13 منگل , نومبر 2018

سکر: سيد خورشيد احمد شاهه اسلاميه ڪاليج پولنگ اسٽيشن ۾ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو

سکر(ويب ڊيسڪ)اڳوڻي مخالف ڌر اڳواڻ ۽ پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه اسلاميه ڪاليج پولنگ اسٽيشن سکر ۾ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو.سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته کيس اميد آهي ته اڄ جو ڏينهن اليڪشن جي عمل کي صاف شفاف ثابت ڪرڻ لاءِ هڪ وڏو موقعو آهي.سندس چوڻ هو تھ  اسلاميه ڪاليج پولنگ اسٽيشن تي سڀ کان وڏو مسئلو هتي پهچڻ لاءِ 100 ڏاڪن واري ڏاڪڻ آهي.خورشيد شاهه چيو تھ  بزرگ ۽ معذور ڏاڪڻ چڙهي نه ٿا سگهن، اهو مسئلو حل ٿيڻ گهرجي.هن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي هميشه جمهوريت لاءِ جدوجهد ڪئي آهي، صاف شفاف چونڊ ٿيڻ سان ئي ملڪ هلي سگهي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شهباز شريف اين آر او جي ڪوشش ۾ آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته چين کان جيترو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے