15 جمعرات , نومبر 2018

سنڌ جي نگران وڏي وزير فضل الرحمان ڊفينس فيز 7 ڪراچي ۾ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو

Sindh Chief Minister Fazal-ur-Rehman defended his vote in Defense phase 7 Karachiڪراچي(ويب ڊيسڪ)سنڌ جي نگران وڏي وزير فضل الرحمان ڊي اي ماڊل اسڪول ڊفينس فيز 7 ڪراچي ۾ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ بعد چيو تھ هن وقت تائين ڪابھ شڪايت وصول ناهي ٿي، سيڪيورٽي ادارا پنهنجو ڪم بهتر نموني ڪري رهيا آهنسنڌ جي نگران وڏي وزير فضل الرحمان ڊي اي ماڊل اسڪول ڊفينس فيز 7 ڪراچي ۾ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو.ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته جيڪي به انتظام ڪرڻا هئا اهي ڪيا آهن شهرن توڙي ٻهراڙين ۾ بهترين ماحول فراهم ڪيو ويو آهي ۽ ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي جي اميد نه آهي.هن چيو تھ سيڪيورٽي ادارا پنهنجو ڪم ڪري رهيا آهن. شڪايتون موصول ٿيڻ بابت هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اڃا تائين ڪا به شڪايت موصول ناهي ٿي.اليڪشن جي ميڊيا ڪوريج بابت هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جي جاري ڪيل قانون موجب پولنگ بوٿ اندر ميڊيا ڪوريج منع آهي، اصولن پولنگ بوٿ ۾ ووٽر کانسواءِ ڪنهن کي به اندر وڃڻ جي اجازت ناهي. هن چيو ته سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ سي سي ٽي وي ڪيمرائن کي چيڪنگ کانپوءِ لڳايو ويو آهي ۽ سموريون ڪيمرائون ڪم ڪري رهيون آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آمريت جو دور ڏٺو، هاڻي جعلي دور جو به ڄمي مقابلو ڪنداسين: حمزا شهباز

لاهور  ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف چيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے