19 پیر , نومبر 2018

ترڪي پاران ايران خلاف آمريڪي پابندين کي مڃڻ کان انڪار

Turki refuses to accept American sanctions against Iranترڪي(ويب ڊيسڪ) ترڪي آمريڪا طرفان ايران تي لاڳو اقتصادي پابندين تي عمل نه ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽن موجب ترڪ پرڏيهي وزير مولود جاويش اوغلو ايران جي خلاف آمريڪي پابندين تي عملدرآمد خارج از امڪان قرار ڏيندي چيو آهي ته ترڪي ايران خلاف آمريڪي پابندين تي عمل نه ڪندو ان فيصلي سان آمريڪا کي به آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. ترڪي جي ان اعلان بعد نيٽو اتحادين جي وچ ۾ تڪرار  ۾ اضافي جا خدشا وڌي ويا آهن.  ترڪي تيل ۽ قدرتي گيس جي ضرورتن لاءِ ايران تي دارومدار رکي ٿو جڏهن ته آمريڪا طرفان ايران سان جوهري معاهدي ۾ واڌ نه ڪرڻ ۽ ايران تي اقتصادي پابنديون لاڳو ٿيڻ سبب ترڪي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيو آهي. جنهن بعد روس، ترڪي ۽ ايران جي ويجهڙايون وڌي ويون وڌي ويون آهن ۽ خطي ۾ نئين ڀائيواري جوڙي  رهي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

donaldTrump, ForeignMinisterTalrison

پاڪستان امريڪا لاءِ ڪجهه ناهي ڪيو: ڊونلڊ ٽرمپ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ ڀيرو  دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے