18 اتوار , نومبر 2018

اليڪشن ڪميشن ذميوار ۽ خودمختيار ادارو آهي: بابر يعقوب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري بابر يعقوب چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جو عملو ذميوار آهي، چونڊن جي حوالي سان جيڪي مسئلا هوندا، ڪميشن اهي حل ڪندو. بابر يعقوب چونڊن دوران پيش ايندڙ مسئلن جي حل لاءِ قائم ڪمپلينٽ سيل جو دورو ڪندي چيو ته اليڪشن ڪميشن عملو ذميوار آهي، فخر آهي ته مان اليڪشن ڪميشن جو حصو آهيان، چونڊن بابت جيڪي شڪايتون هونديون، ڪمپلينٽ سيل انهن کي حل ڪندو، جتي ڪميشن جي رهنمائي يا فيصلو گهربل هوندو، ڪميشن ڏيندو. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن عملي مثالي ڪم ڪيو آهي، اليڪشن ڪميشن ذميوار ۽ خود مختيار ادارو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

سپريم ڪورٽ جو ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے