21 بدھ , نومبر 2018

غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجا: مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف کي سوات، ڪراچي ۽ ڊي جي خان ۾ عبرتناڪ شڪست

Incomplete and indefinite results: PML-N's President Shahbaz Sharif to hold a lesson in Swat, Karachi and D Khan.سوات (ويب ڊيسڪ) عام چونڊن ۾ پولنگ جو عمل مڪمل ٿين بعد نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري آهي، هن وقت تائين ملندڙ غير حتمي ۽ غيرسرڪاري نتيجن موجب اهم تڪن ۾ سياسي جماعتن جي وچ ۾ سخت مقابلا جاري آهن جڏهن ته گڏيل طور تي پاڪستان تحريڪ انصاف قومي اسمبلي ۽ ڪي پي ڪي ۾واضح اڪثريت حاصل ڪري ورتي آهي. 2018 جي عام چونڊن ۾ وڏا وڏا بت لڏي ويا ۽ مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف کي ڊي جي خان، سوات ۽ ڪراچي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف عبرتناڪ شڪست ڏني آهي. غير حتمي ۽ غيرسرڪاري نتيجن موجب مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف لاهور جي تڪ اين اي 132 تان ته ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي،  پر ڊي جي خان، سوات ۽ ڪراچي تان پاڪستان تحريڪ انصاف هٿان کيس عبرتناڪ شڪست جو منهن ڏسڻو پيو. غيرسرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب سوات جي تڪ اين اي 3 تان پي ٽي آءِ جي اميدوار سليم رحمان 68162 ووٽ حاصل ڪري ڪامياب جڏهن مسلم ليگ جو صدر شهباز شريف رڳو 22756 ووٽ حاصل ڪري سگهيو. ائين ان تڪ پاڪستان تحريڪ انصاف شهباز شريف کي 22 هزار 756 ووٽن تان شڪست ڏني، ٻئي پاسي غيرسرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب ڊيرا غازي خان ۾ پڻ تحريڪ انصاف شهباز شريف کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي، ان تڪ ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اميدوار سردار محمد خان لغاري ڪامياب رهيو.  ڪراچي جي تڪ اين اي 249 جي غيرسرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب تحريڪ انصاف جي فيصل ووڊا مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي ان تڪ ۾ پڻ دلچسپ چونڊ صورتحال ڏسڻ ۾ آئي، ان تڪ  جي اهم اميدوارن ۾ مسلم ليگ ن جي مرڪزي صدر شهباز شريف، تحريڪ انصاف جي فيصل ووڊا، ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اسلم شاهه، ايم ايم اي ي عطاءَ الله شاهه ۽ ٻين جي وچ ۾ مقابلو ٿيو، پولنگ واري ڏينهن مختلف علائقن جي پولنگ اسٽيشنن تي عوام جي پيهه رهي، ان تڪ ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فيصل ووڊا پڻ متحرڪ نظر آيو جڏهن ته شهباز شريف جي چونڊ مهم ن ليگ جي مختلف اميدوارن هلائي هئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آشيانه اقبال اسڪينڊل: نيب پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير خلاف ريفرنس تيار ڪري ورتو

لاهور(ويب ڊيسڪ ) نيب آشيانا اقبال اسڪينڊل ۾ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے