15 جمعرات , نومبر 2018

اليڪشن 2018: راڻا ثناءَ الله به ”تبديلي واري لهر“ جو شڪار

ECP 2018: Rana Sanaullah will be the "Change Change"فيصل آباد(ويب ڊيسڪ) 2018 جي عام چونڊن جي  غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب جتي وڏا وڏا سياسي نالا تحريڪ انصاف هٿان شڪست کي منهن ڏئي چڪا آهن اتي ئي مسلم ليگ ن جي سينيئر اڳواڻ ۽ قانون واري اڳوڻي صوبائي وزير راڻا ثناءَ الله پڻ ”تبديلي جي لهر“  جو شڪار ٿي ويوآهي.تفصيل موجب عام چونڊن جي غيرسرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب ڪپتان جي رانديگرن مسلم ليگ ن جي سينيئر اڳواڻ راڻا ثناءِ الله کي فيصل آباد جي قومي ۽ صوبائي اسمبلي جي تڪن ۾  عبرتناڪ شڪست ڏئي ڇڏي.غيرسرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب اين اي 106 تان تحريڪ انصاف جي اميداور نثار احمد 57 هزار 300 ووٽ حاصل ڪري ورتا آهن جڏهن ته راڻا ثناءَ الله 55 هزار 405 ووٽ حاصل ڪري ٻئي نمبر تي آهي. جڏهن ته پي پي 113 فيصل آباد ۾ پڻ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اميدوار محمد وارث مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ قانون واري اڳوڻي صوبائي وزير راڻا ثناءَ الله کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جسٽس اطهر من الله چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مقرر، نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر جسٽس اطهر من الله جي چيف جسٽس اسلام آباد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے